جائيداد مان حصو نه ڏيڻ تي ڀائرن ڀيڻ مٿان تيزاب هاري ڇڏيو

دادو (ادل مهيسر) جائيداد مان حصو نه ڏيڻ تي بي رحم ڀائرن پنهنجا پٽ ساڻ ڪري ڀيڻ مٿان تيزاب هاري ڇڏيو. ڳوٺ لطف علي ڀنڊ جي رهواسي جوابدارن غلام حسين ڀنڊ ، مجيد ،امداد، نثار، غلام حسين، ضمير، ستار حسين ڀنڊ پنهنجي ڀيڻ 50 سالا بچل خاتون ڀنڊ جي پيرن ۽ هٿن تي  تيزاب هاري سخت زخمي ڪري ڇڏيو.

متاثر خاتون کي سول اسپتال دادو آندو ويو اسپتال اندر ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ ڪري عورت علاج لاءِ دربدر ٿيندي رهي. متاثر عورت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جائيداد مان حصو نه ڏيڻ تي ڀائرن ۽ ڀائيٽن گڏجي تيزاب هاريو آهي جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته بچل خاتون وومين پروٽيڪشن سيل پهتي سندس کي فوري علاج لاءِ سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي جي ابتدائي جانچ مطابق واقعو جائيداد جي تقسيم تان پيش آيو آهي وڌيڪ تفتيش جاري آهي. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي نه ئي گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو