جائز مسئلا حل نه ٿيا، پيراميڊيڪل اسٽاف جو احتجاج

جائز مسئلا حل نه ٿيا، پيراميڊيڪل اسٽاف جو احتجاج

سجاول ( ڊ ر ) سجاول ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئشن ضلع سجاول پاران جائز مسئلا حل نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيوويو، سول اسپتال سجاول جي پيراميڊيڪل ايسوسيئشن ملازمن پاران سروس اسٽرڪچر، پروفيشنل الائونس، رسڪ الائومس سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ پيراميڊيڪل عملي پاران فدالغاري، منظور خواجو، رياض سرواڻ ۽ ٻين او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊي ايڇ او آفيس سجاول اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۽ سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ملازمن چيوته صحت کاتي جا ملازم گرمي هجي توڙي سردي يا وري ٻي ڪا آفت هجي اسان پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ بغير عوام جي جان بچائڻ لاءِ ڏينهن رات ايمانداري سان ڊيوٽي ڪندا آهيون مگر سنڌ حڪومت اسان کي مسلسل نظر انداز ڪري رهي آهي ، هنن چيو ته سنڌ حڪومت اسان جا جائز مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪابه دلچسپي نٿي رکي ، هنن چيو ته وزير صحت عذرا پيچوهو ملازمن جا جائز مطالبا مڃڻ بدران کين گهر ڀيڙو ڪرڻ جون ڳالهيون پئي ڪري مگر اسان پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکنداسين ، مظاھرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، پرڏيهي وزير ، پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير صحت عذرا پيچوهو سميت ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جا سمورا مطالبا منظور ڪري پيرا ميڊيڪل عملي ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو