ملير ( ڊ ر ) سنڌ ۾ قوم پرست سياست جي باني تنظيم جئي سنڌ محاذ کي قائم ٿئي پنجاهه سال گذري ويا ، ملير جي ميمڻ ڳوٺ ۾ جئي سنڌ محاذ جي پنجاهين تقريب ، سائين جي ايم سيد جئي سنڌ محاذ قائم ڪري سنڌي عوام کي قومي شعور ڏنو ، جئي سنڌ محاذ چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ۽ ٻين جو سالگره تقريب تفصيل موجب سنڌ ۾ قوم پرست سياست جي باني تنظيم جئي سنڌ محاذ کي قائم ٿئي پنجاهه سال مڪمل ٿيڻ تي ملير جي ميمڻ ڳوٺ ۾ جئي سنڌ محاذ جي پنجاهين سالگره تقريب ملهائي ويئي جنهن ۾، جئي سنڌ محاذ اڳواڻڻ کان علاوه مختلف سياسي اڳواڻن ،دانشورن وڏي تعداد ۾تقريب ۾ شرڪت ڪئي تقريب کي جئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو ته 18جون 1972 ۾ سائين جي ايم سيد جئي سنڌ محاذ قائم ڪري سنڌي عوام کي قومي شعور ڏنو ان چيو ته جي ايم سيد هڪ عهدساز شخصيت هئي جنهن سنڌ کي تاريخي وطن طور وسيلن ۽ قومي آزاديءَ کي عالمي طور روشناس ڪرايو فڪر سائين جي ايم سيد جي واٽ ڇڏيندڙ اڄ غاصب قوتن سان گڏ آهن پر قومي ڪارڪن پنهنجي قومي حقن ۽ وسلين جي حاصلات لاءِ اڄ به عملي طور تي ميدان ۾ موجود آهن هن چيو ته جئي سنڌ محاذ سائين جي ايم سيد جي وفات کان پوء جديد سياسي گهرجن مطابق حڪمت عملي جوڙي اڳتي وڌي رهيو آهي ان سلسلي اسان سنڌ جي قومي جھنڊي مان ڪھاڙي جو نشان ختم ڪري سنڌ جي نقشي کي شامل ڪيو آھي اسان کي سنجيده سياست علمي ۽ عملي محاذن تي ڪم ڪرڻو پوندو هن سنڌ جي وطن دوست نظرياتي قومي سياسي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته هو سياسي علم جو مطالعو ڪن ۽ نئي سر صف بندي ڪن سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلن جو جائزو وٺي تنظيمي عمل کي تيز ڪن تڏهن ئي اسان سنڌ کي بچائي سگهنداسين سالگره جي تقريب ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ فورم جي اڳواڻ امان شيخ ، مزدور اڳواڻ ناصر منصور ، لياري عوامي محاذ جي اڳواڻ, سنڌ سجاڱي فورم سارنڱ جويو , عبدالخالق زدران ،امداد سنڌي , ايڊوڪيٽ معين , علي محمد مستوئي ۽ ٻين خطاب ڪيو










