ثنا يوسف قتل ڪيس، جوابدار کي موت جي سزا، 24 لک روپيه ڏنڊ لاڳو

ثنا يوسف قتل ڪيس، جوابدار کي موت جي سزا، 24 لک روپيه ڏنڊ لاڳو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف جي قتل ڪيس جي جوابدار عمر حيات کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ايڊيشنل سيشن جج اسلام آباد افضل مجوڪه ثنا يوسف قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.عدالت چيو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عمر حيات کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو وڃي ٿو. انهي کان علاوه جوابدار عمر حيات کي ٻين قلمن ۾ ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو. عدالت گڏيل طور تي عمر حيات کي 30 سال قيد ۽ 24 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.عمر حيات کي ڪيس جي ٻين 3 قلمن جي تحت 10-10 سال جي سزا ٻڌائي وئي. ڦر جي قلمن تحت 10 ۽ جوابدار کي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي قلمن تحت به 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ جوابدار عمر حيات جي ڪالز ۽ چيٽ جا اسڪرين شارٽس پيش ڪيا ويا.مدعي جي وڪيل جوابدار کي 2 ڀيرا موت جي سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي جڏهن ته جوابدار جي وڪيل چيو ته جوابدار عمر حيات اسٽيٽ ڪونسل ۽ ٽرائل ڪورٽ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو هو، 2 درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. پهريان سوچي وٺو ته جوابدار کي موت جي سزا ڏيڻ زيادتي هوندي.عمرحيات جي وڪيل چيو ته جوابدار کي آرٽيڪل 10 اي جي تحت فيئر ٽرائل جو موقعو ڏنو وڃي ٿو، پوري ٽرائل ۾ مختصر ترين دليل ڏيندس، اوهان ٽرائل جج نه آهيو پر بطور ريفري دليل ٻڌو، وڪيل ۽ جج ۾ رنجش پيدا ٿيندي آهي ته جوابدار جي ٽرائل تي اثر انداز نه ٿيڻ گهرجي.جوابدار عمر حيات جي وڪيل چيو ته ذاتي رنجش سبب جوابدار کي موت جي سزا ڏيڻ زيادتي هوندي. انهي ڊپ کان فيصلو نه ڪريو ته اين جي اوز روڊن تي نڪري اينديون، لبرل سوسائٽي جي ڊپ کان ثنا يوسف ڪيس جو فيصلو نه ڪريو، ڪيس کي عورتن تي ٻڌل معاشرتي بحث جي طرف نه کڻي وڃو. جوابدار جي وڪيل جي ريمارڪس تي جج افضل مجوڪه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت کي گمراهه نه ڪريو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ثنا يوسف قتل ڪيس ۾ جوابدار عمر حيات عدالت ۾ ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد ۾ ثنا يوسف قتل ڪيس جي ٻڌڻي ۾ جوابدار چيو هو ته هن ثنا کي قتل ڪرڻ جو ڪوبه اعتراف يا ڪوبه انڪشاف نه ڪيو آهي.جوابدار عمر حيات وڌيڪ چيو هو ته منهنجو ثنا يوسف سان ڪوبه رابطو نه هو، انهي تي جج پڇاڻو ڪيو ته جاچ دوران ثنا يوسف جي فون تي ڪاڪا جي نالي سان هڪ نمبر سامهون آيو هو، موبائل فارنزڪ کان پوءِ نمبر اوهان جو نڪتو، انهي تي ڇا چوندو؟ انهي تي جوابدار عمر حيات چيو ته مان پنهنجي وڪيل کان سواءِ ڪوبه جواب نٿو ڏئي سگهان. ياد رهي ته ثنا يوسف کي 2 جون 2025 تي اسلام آباد ۾ انهي جي گهر ۾ قتل ڪيو ويو هو جڏهن ته ڪيس جي جوابدار عمر حيات کي 3 جون 2025 تي جڙانواله مان گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو