حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪنڌڪوٽ مان معصوم ٻار ثمرت ڪمار جي اغوا واقعي کي انتھائي درندگي ۽ دھشتگردي قرار ڏيندي چيو آھي تہ پيپلز پارٽي حڪومت ڌاڙيل راڄ جي خاتمي ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي. معصوم ٻار بہ محفوظ ناھن. پوليس کي ناقص ھٿيار ۽ گاڏيون ڏيڻ جي ڪري پوليس بہ محفوظ ناھي. پوليس کي قانون جي حڪمراني واري ڪردار بدران انھن کي اقتداري ۽ ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ سبب ڏوھاري آزاد آھن ۽ عوام غير محفوظ آھن. عوام جي جان ۽ مال محفوظ ناھي. ڪاروبار محفوظ ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران وڏن پروٽوڪولز ۾ ھلن ٿا، انھن جي گھرن اڳيان گارڊ مقرر آھن پر عام ماڻھو کي ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران ڌاڙيلن کي اليڪشن وقت استعمال ڪن ٿا. انھن جي دھشت جي زور تي ووٽ مينيج ڪن ٿا، انڪري ڏوھارين خلاف ڪارروائي ٿي ڪئي وڃي. سياسي مفادن لاءِ مخالفن کي انتقام جو نشانو بنايو وڃي ٿو پر نياڻيون، ٻار ۽ پورھيتن کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن جو گھيرو تنگ نٿو ڪيو وڃي. انھن کي گرفتار نٿع ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ معصوم سمرت ڪمار جو اغوا پوليس ۽ اسان جي ادارن جي نااھلي ۽ ناڪامي آھي. اياز لطيف پليجي مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي معصوم سمرت ڪمار کي بازياب ڪرايو وڃي. اغوا ۾ ملوث ڏوھارين کي منطقي انجام تائين پھچايو وڃي.










