اسلام آباد(بيورو)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق پاڪستان تحريڪ انصاف جي منع ٿيل فنڊنگ ڪيس بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا سعد رفيق عمران خان خلاف سخت زبان استعمال ڪندي لکيو ته ثاقب نثار گروپ جا اعلانيل صادق ۽ امين عمران خان ڪوڙا، ڪوڙا، بي ايمان ۽ پرڏيهي اسپانسر ٿيل آهن.هن وڌيڪ لکيو ته آمريڪي ڀارتي اماراتي شهري عمران خان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن.










