تڪراري پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

تڪراري پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) 6 فيبروري 2025 تي تڪراري پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم کي چيلنج ڪرڻ کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي.پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جي خلاف صحافتي تنظيمن جون درخواستون 9 فيبروري تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. جسٽس راجه انعام امين منهاس 9 فيبروري تي ٻڌڻي ڪندو. رجسٽرار آفيس ڪيس جي ٻڌڻي جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.عدالت وفاق سميت سمورين ڌرين کي هڪ سال اڳ نوٽيس جاي ڪيو هو. پي ايف يو جي جي وڪيل جا ڪيس ۾ دليل جاري آهن.عدالت وفاق سميت سمورين ڌرين کي هڪ سال اڳ نوٽيس جاري ڪيو هو، پي ايف يو جي جي وڪيل جا ڪيس ۾ دليل جاري آهن. پي ايف يو جي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن ۽ اينڪر ايسوسيئيشن درخواست داخل ڪئي آهي. پي ايف يو جي جي دستور گروپ ۽ پوٽهوهار جرنلسٽس ايسوسيئيشن به درخواستون داخل ڪري رکيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو