تڪراري ٽوئيٽ معاملو ، عمران خان ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿي ويو

تڪراري ٽوئيٽ معاملو ، عمران خان ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿي ويو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني عمران خان آفيشل ايڪس اڪائونٽ تان تڪراري ٽوئيٽ ڪرڻ واري ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿي ويو آهي. ذريعن موجب، وفاقي جاچ ايجنسي ( ايف آءِ اي ) جي ٽيم پي ٽي آءِ باني کان اڊيالا جيل ۾ معمالي تي پڇاڳاڇا ڪري رهي آهي. جيل ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني پنهنجي وڪيلن چوڌري ظهير عباس ۽ انتظار پنجوٿا جي موجودگي ۾ جاچ ۾ شامل ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ٽيم پي ٽي آءِ باني کي سندس ايڪس اڪائونٽ تان پوسٽ ڏيکاري کائنس پاڇا ڳاڇا ڪئي. ذريعن موجب، جاچ ٽيم ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اياز احمد۽ سب انسپڪٽر منيب شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو