تڪراري فلم “دي ليجنڊ مولا جٽ” جي رليز جو رستو کلي ويو

تڪراري فلم “دي ليجنڊ مولا جٽ” جي رليز جو رستو کلي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) تڪراري فلم “دي ليجنڊ مولا جٽ” بابت ڌرين ۾ سمجهوتو ٿي ويو آهي هنن هڪٻئي خلاف ڪيس عدالتن مان واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن بعد ڪجهه سالن کي فلم جي روڪيل رليز جو رستوکلي ويو آهي ۽ هلندڙ سال قرباني واري عيد سميت ڪنهن به موقعي تي فلم رليز ڪئي ويندي. بلال لاشاري جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم دي ليجنڊ مولا جٽ جو 2018 ۾ جڏهن ٽريلر جاري ٿيو هو ته ڪافي مقبول ٿيو هو. مولا جٽ نالي فلم 1979 ۾ پروڊيوسر سرور ڀٽي ٺهرائي هئي جنهن ۾ سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشي کي ڪاسٽ ڪيو ويو هو. جنهن بعد دي ليجنڊ مولا جٽ ۾ حمزو علي عباسي، فواد خان، حميمه ملڪ ۽ ماهره خان کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. سرور ڀٽي اعتراض ڪيو هو ته نالو، ڪهاڻي، ڊائلاگ، اداڪارن جا فرضي نالا وغيره سندس فلم مان کنيا ويا آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ م ڪيس ٻن سالن کان التويٰ جو شڪار هو جنهن بعد فلم سينسر بورڊ ۾ به شڪايتون داخل ٿيون هيون. جنهن سبب فلم جي رليز رولڙي جو شڪار هئي. هاڻي ڌرين ۾ معاملا طئي ٿيڻ بعد ٻنهي هڪٻئي خلاف ڪيس واپس وٺن جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو