لاهور(ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته سياستدانن تي الزام لڳندا آهن ۽ عوام جو احتساب ڪندو آهي پر ڪنهن به تڪراري شخص کي ڪنهن اداري جو سربراهه نه هئڻ گهرجي.لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميان جاويد لطيف چيو ته عمران خان ملڪي سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي.هن چيو ته نواز شريف اهو ئي اشتهاري آهي جنهن کي هائيجيڪر بڻايو ويو، هاڻي اشتهاري نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو. وفاقي وزير چيو ته بي اعتمادي جو غيرمقبول فيصلو هيو جئين سريلنڪا جهڙي صورتحال کان بچي سگهون ، جيڪو ملڪ چونڊ قانونن ۾ ضروري تبديليون ڪري چونڊن ۾ وڃڻ چاهي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جا اسڪينڊل فرح خان کان بشرا بي بي ۽ پوءِ عمران خان تائين وڃن ٿا.
