ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتي جي پهرين ڪاروباري ڏينهن تي مندي جو رجحان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ 100 انڊيڪس ۾ 2700 پوائنٽن جي ڪمي آئي آهي. ان منديءَ کانپوءِ 100 انڊيڪس گهٽجي 179448 پوائنٽن جي سطح تائين ڪري پيو آهي. مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جو آغاز منفي زون ۾ ٿيو ۽ حصص (شيئرز) جي وڪري واري رجحان جي ڪري مارڪيٽ تي دٻاءُ نظر آيو. اسٽاڪ ايڪسچينج جي تجزيه نگارن امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي نئين لهر کي ان منديءَ جو ڪارڻ قرار ڏنو آهي. تجزيه نگار جبران سرفراز موجب، امريڪا ۽ ايران پاران هڪٻئي تي نون حملن کانپوءِ عالمي سطح تي تيل جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جو پاڪستاني اسٽاڪ مارڪيٽ تي منفي اثر پيو.










