تيز رفتار گاڏي جي 2 موٽر سائيڪلن کي ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، 1زخمي

تيز رفتار گاڏي جي 2 موٽر سائيڪلن کي ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، 1زخمي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت جڏهن ته هڪ شهري زخمي ٿي پيو. رپورٽ موجب سپر هاءِ وي تي گڏاپ جي ڀرسان تيز رفتار گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري 2 موٽر سائيڪلن سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ موٽر سائيڪلن تي سوار 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿي پيو.پوليس موقعي تي پهچي واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. زخمي ٿيل شهرين کي ريسڪيو جي مدد سان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. گهڻا حادثا تيز رفتار، ٽريفڪ قانون جي پابندي نه ڪرڻ ۽ ڊرائيورز جي ڪوتاهي سبب پيش ايندا آهن. انهي کان اڳ هيوي ٽريفڪ سبب حادثا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ جا وقت ۽ موٽر سائيڪل سوارن جي لاءِ قانون ۾ سختي ڪري ڇڏي هئي جنهن کان پوءِ حادثن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي پر هيوي ٽريفڪ سبب حادثن جا واقعا هن وقت به رپورٽ ٿي رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو