تيز رفتار ڪوچ 2 مينهون ماري فرار، ڌنار جون دانهون

تيز رفتار ڪوچ 2 مينهون ماري فرار، ڌنار جون دانهون

وڳڻ(غلام مصطفئ بروهي) انڊس ھاء وي تي آلي کبڙ جي لاڙي وٽان تيز رفتار” اي ڪي سي ڪوچ“مينهن جي وڳ مٿان چڙھي وئي 2 مينھون چيڀاٽجي مري ويون. موقعي تي موجود ڌنار ديدار علي وڳڻ جون دانھون، ڪوچ ڊرائيور ھڪ به نه ٻڌي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب، ڌنار چيو ته مالوند ماڻهون آھيون مال چاري گذر سفر ڪندو آھيان مينھون کي روڊ کان ڪراس ڪرائي رھيو ھئس ته تيز رفتار ڪوچ مينھن جي وڳ مٿان چڙھي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڀلوڙ مينھون مري ويون مون غريب کي لکين روپين جو نقصان پھچائي ڪوچ وارو فرار ٿي ويو. هن ايس ايس پي قمبر، ڊي ايس پي وڳڻ ايٽ نصيرآباد  ۽ ايس ايڇ او وڳڻ کي اپيل ڪئي ته ڪوچ ڊرائيور کي گرفتار ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو