تيزگام کي باهه 74 فوت ۽ 42 ٻيا مسافر زخمي

تيزگام کي باهه 74 فوت ۽ 42 ٻيا مسافر زخمي

لياقت پور (ويب ديسڪ) ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيزگام ايڪسپريس ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي وئي، جنهن سبب 74 مسافر فوت ۽ 42 ٻيا مسافر زخمي ٿي پيا. ريلوي انتظاميا ۽ ريسڪيو ذريعن موجب تيزگام ۾ باهه لڳڻ سبب مري ويلن جو انگ 74 ٿي ويو آهي. شيخ رشيد موجب ريل ۾ تبليغي جماعت وارن ناشتو پئي تيار ڪيو 2 گيس اسٽوو ڌماڪي سان ڦاٽي پيا، هنن وٽ گاسليٽ به هو جنهن سبب باهه ريل کي وڪوڙي وئي. ڪيترائي ماڻهو باهه کان بچڻ لاءِ هلندڙ گاڏي مان ٽپو ڏيڻ سبب مري ويا. عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته تبليغ وارن جا گيس اسٽوو ڦاٽل ناهن پر سلامت آهن، باهه ريل جي هڪ پکي ۾ ٿيندڙ اسپارڪنگ مان لڳي، پکو هيٺ ڪري پيو ۽ چڻنگن سبب باهه لڳي. سوشل ميڊيا تي حڪومت تي تنقيد ٿي رهي آهي ته بنا جاچ جي الزام تبليغ وارن تي ڪيئن لڳايو ويو. ريل ۾ ڪل 865 مسافر سوار هئا جن مان 610 ڪراچي مان سوار ٿيا هئا. باقي ميرپورخاص، ٽنڊو الله يار، ٽنڊو آدم، خيرپور ۽ ٻن شهرن جا آهن. ميرپور خاض جي سيٽ لائٽ ٽائون مسجد جو پيش امام مري ويلن ۾ شامل آهي.

ريل کي باهه ڪيئن لڳي، حادثو يا تخريبڪاري سوشل ميڊيا تي نئون بحث

اڪثر ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جا سوار هئا. زخمين ۽ لاشن کي تعلقه اسپتال لياقت پور، رحيم يار خان ۽ بهاولپور پهچايو ويو آهي. فوج جون امدادي ٽيمون به پهتيون آهن آرمي هيليڪاپٽر به گهرايو ويو آهي. ريلوي عملدارن موجب ريل گاڏي جي ٽن بوگين، 3، 4 ۽ 5 ۾ باهه لڳي ۽ متاثره بوگيون ريل کان ڌار ڪري گاڏي کي منزل طرف روانو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان حادثي تي افسوس ظاهر ڪندي زخمين جي بهتر علاج جي هدايت ڪئي آهي. شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو پن ڌار ڌار پيغامن ۾حادثي تي افسوس ظاهر ڪندي متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. ريلوي جي وزير تيزگام سانحي ۾ مري ويل في ماڻهو لاءِ 15 لک ۽ في زخمي لاءِ 3 کان 5 لک زخمن جي نوعيت مطابق معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ ايندي ذميوارن کي سزا ڏني ويندي. 

پهنجو تبصرو موڪليو