توهين مذهب ڪيس جو جوابدار جيل حوالي

مٺي (ن سنڌيار)توهين مذھب ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عبدالسلام ابو دائود کي جوڊيشل مئجسٽريٽ مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. مٺي پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ جي گهر نه ڪئي، عدالت جوابدار کي 11 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي سب جيل مٺي اماڻي ڇڏيو. جوابدار عبدالسلام ابو دائود پورهيت نينگر مڪيش ڀيل تي تشدد ۽ مذھبي توهين ڪري وڊيو وائرل ڪئي هئي. مٺي پوليس سرڪاري مدعيت ۾ جوابدار خلاف توهين مذھب ۽ مذھبي انتشار ۽ نفرتون ڦھلائڻ جو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو