راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اينٽي ڪرپشن عملدارن درخواست ڪئي ته راڻا ثناءُ الله خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي، هو گرفتار ڪري رهيا آهن، ان ڪري انهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.جڏهن ته عدالت راڻا ثناءُ الله خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي درخواست رد ڪندي اينٽي ڪرپشن ٽيم کي گهرو وزير جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري رکڻ لاءِ راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










