توهين عدالت جي درخواست تي عمران خان کي نوٽيس جاري

توهين عدالت جي درخواست تي عمران خان کي نوٽيس جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست تي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اي سي شاليمار جڊيشل ڪمپليڪس ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي.درخواستگذار جو وڪيل راجا رضوان عباسي عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت اهو ڪيس گم ٿيل فائل ڪيس سان ڳنڍيندي آءِ جي ۽ اسلام آباد انتظاميا کان امن امان جي صورتحال تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالتي حڪم هو ته چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان امن امان جي صورتحال پيدا نه ڪندو پر هن عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس ۽ جڊيشل ڪمپليڪس تي پٿراءُ ڪيو، جنهن سبب پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پوليس عدالتي حڪم تي سڪيورٽي جا انتظام ڪيا هئا، جڏهن ته عمران خان 17 مارچ جي عدالتي حڪم تي به عمل ناهي ڪيو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عمران خان کي طلب ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو