ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي سپريم ڪورٽ حضرت محمد مصطفيٰ صه خلاف توهين آميز بيان تي بي جي پي جي معطل اڳواڻ نوپور شرما کي توهين آميز بيان ڏيڻ تي ڪاورڙ ڪندي نوپور کي معافو جو چئي ڇڏيو،ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته ڀارت ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جو ذميوار نوپور شرما آهي، ان ڪري کيس پنهنجي بيان تي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي. ڀارتي سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته نوپور شرما پنهنجي بيان سان عوام جا جذبات مجروح ڪيا، ان ڪري ملڪ ۾ هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو ذميوار نوپور شرما اڪيلو آهي. ڀارتي سپريم ڪورٽ جي جسٽس سوريا ڪانت چيو ته اسان ڏٺو ته ان بحث ۾ نوپور شرما کي ڪيئن ساراهيو ويو پر هن جنهن انداز ۾ بيان ڏنو ۽ بعد ۾ چيو ته هو وڪيل آهي اهو تمام شرمناڪ آهي، کيس سڄي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي. ڀارتي ميڊيا موجب نوپور شرما توهين آميز بيان جي معاملي تي سڄي ملڪ ۾ پنهنجي خلاف داخل ڪيس دهلي منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تان هن واپس وٺي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ نوپور شرما جي برابري واري سلوڪ واري بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس وڪيل کي چيو ته جڏهن هن ٻين ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ته کيس فوري طور تي گرفتار ڪيو ويو پر جڏهن مٿس ڪيس داخل ڪيا ويا ته پوءِ ڪنهن کي به توهان کي هٿ کڻڻ جي جرئت نه ٿي.سپريم ڪورٽ چيو ته نوپور شرما جو بيان سندس ضد ۽ مغرور ڪردار کي ظاهر ڪري ٿو.بي جي پي اڳواڻ نوپور شرما جي توهين آميز بيان کانپوءِ ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ پرتشدد مظاهرا ٿيا، جڏهن ته بي جي پي به اسلامي ملڪن جي احتجاج سبب نوپور شرما جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي.










