توهان ماڻهو مارڻ جو ٺيڪو کنيو آهي،چيف جسٽس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) توهان ماڻهو مارڻ جو ٺيڪو کنيو آهي، توهان ۽ توهان جي وزير کان ڪجهه نٿو ٿئي، توهان جا هٿ ماڻهن جي رت سان رڱيل آهن، توهان کان ريلوي کاتو نٿو هلي ته ڇڏي ڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ريلوي جي زمين تي قبضي بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان جي دور ۾ 2 هزار ماڻهو ٽرين حادثن ۾ فوت ٿيا، توهان جا مزا آهن، ماڻهو ڀلي مرن، توهان ته سيڪريٽري لڳا پيا آهيو، توهان ريلوي جي زمين کپائڻ ۾ لڳا پيا آهيو ته پئسا کيسن ۾ ڪيئن وجهڻا آهن، ريلوي کي زمين وڪرو ڪرڻ جو ڪوبه اختيار ناهي، حادثي کانپوءِ ريلوي وارا اُتي پهچي ويندا آهن، فوت ٿيلن جي پونيئرن لاءِ 15-15 لک رُپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو ويندو آهي، ماڻهن کي توهان جا 15 لک نه، پنهنجا والدين ۽ پيارا گهرجن، ريلوي وزير جي پريس ڪانفرنس ڏٺي، مون کي لڳو ته ٽرين حادثي کانپوءِ وڏو وزير ۽ سيڪريٽري ريلوي استعيفيٰ ڏيندا، پر ائين نه ٿيو، هي رڳو ماڻهن کي مارائي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو