اليڪشن ڪميشن پاران توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان نااهل قرار

اليڪشن ڪميشن پاران توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان نااهل قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن توشه خانه ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي پنج سالن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، سندس قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ سان گڏ ئي عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ عمران خان کي توشه خانه ريفرنس ۾ اثاثا لڪائڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏيندي سندس خلاف فوجداري ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن چيو ته عمران خان جو جمع ڪرايل جواب درست نه هو، عمران خان بدعنواني ۾ ملوث رهيو آهي، سندس قومي اسيمبلي واري سيٽ کي خالي قرار ڏنو ٿو وڃي. اليڪشن ڪميشن قرار ڏنو ته عمران خان ڪرپٽ پريڪٽس ۾ ملوث رهيو، ڪوڙو بيان جمع ڪرائڻ تي آرٽيڪل 63 ون پي تحت کيس نااهل قرار ڏنو پيو وڃي، سندس خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن طرفان فيصلو ٻڌائڻ لاءِ فول پروف سڪيورٽي طلب ڪرڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل پڻ موڪليا ويا اسلام آباد انتظاميا ايس ايس پي جي نگراني ۾ سيڪيورٽي مقرر ڪئي، جنهن ۾ هڪ ايس ايس پي، 5 ايس پيز، 6 ڊي ايس پيز سميت 1150 اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا، جڏهن ته پوليس سان گڏ ايف سي ۽ رينجرز جا اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا هئا. اليڪشن ڪميشن ۾ غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي هئي ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ تي به پابندي هئي. فيصلي کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري، اسد عمر ۽ ٻيا اليڪشن ڪميشن پهتا ، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جو دروازو بند ڪيو ويو، جنهن سبب کين گيٽ ٽپي اندر داخل ٿيڻو پيو. پاڪستان تحريڪ انصاف توشه خانه ڪيس ۾ الڪيشن ڪميشن جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته اسان فيصلي خلاف اڄ ئي هاءِ ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چئلينج ڪندي اڄ ئي پٽيشن داخل ڪندي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري ۽ شهباز گِل عمران خان بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي رد ڪندي چيو ته جنهن نموني اڄ اهو فيصلو ٿيو آهي ائين پهرينا ڪڏهن ناهي ٿيو، اڄ پاڪستان جي ٻاويهه ڪروڙ عوام جي خلاف فيصلو ٻڌايو ويو آهي . فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ الڪيشن ڪمشنر کي پي ڊي ايم ۾ شامل ڇو نٿو ڪيو وڃي، اسان کي اليڪشن ڪميشن مان پهريان به ڪائي اميد نه هئي، اڄ پاڪستان ۾ انقلاب جي شروعات ٿي وئي آهي. شهباز گِل چيو ته هي فيصلو نواز شريف لکيو ۽ سندس ذاتي ملام ان تي صحيح ڪري ٻڌايو، عوام ان فيصلي کي رد ڪري ٿو. ريفرنس جي دستاويز موجب عمران خان کي توشه خانه مان 14 ڪروڙ 42 لک 42 هزار رپين جا تحفا مليا، جڏهن ته 30 هزار رپين کان وڌيڪ جا تحفا ادائيگي ڪري حاصل ڪيا ويا. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان انهن تحفن جا 3 ڪروڙ 81 لک 77 هزار رپيا ادا ڪيا ۽ 8 لک رپين جي ماليت جي تحفن جي ادائيگي نه ڪئي ، عمران خان جي گهر واري 58 لک 59 هزار رپين جا هار ۽ ٻيا تحفا 29 هزار 14 هزار رُپين ۾ وصول ڪيا ، جڏهن ته عمران خان واچ، منڊي، پين ۽ ڪيف لنڪس ٻه ڪروڙ 27 لک رُپيا ڏئي حاصل ڪيا. ريفرنس دستاويز ۾ عمران خان کان حاصل ڪيل واچ جي اصل قيمت 8 ڪروڙ 50 لک رپيا، ڪف لنڪس جي اصل قيمت 56 لک رپيا، قلم جي اصل قيمت 15 لک رپيا ۽ منڊي جي اصل قيمت 87 لک رپيا آهي. اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جو فيصلو 19 سيپٽمبر تي محفوظ ڪيو هو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف آگسٽ ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي درخواست تي عمران خان خلاف توشه خانه ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو هو، جنهن ۾ عمران خان جي نااهلي جي درخواست ڪئي وئي هئي. ريفرنس ۾ چيو ويو ته عمران خان توشه خانه مان ورتل تحفن ۽ انهن تحفن جي وڪرو مان حاصل ڪيل رقم جا تفصيل پنهنجي اثاثن ۾ ناهن ڏيکاريا. عمران خان طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو هو ته منهنجي خلاف توشه خانه ريفرنس بي سبب ۽ بي بنياد آهي، ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل آهي ۽ سياسي مقصدن لاءِ ڪيس ٺاهيو ويو آهي، توشه خانه ريفرنس اختيارن جو غيرقانوني استعمال ۽ آئيني اختيارين جي توهين آهي. پي ٽي آءِ پاران عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ تي اليڪشن ڪميشڻ خلاف سڄِي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوءِ مختلف شهرن ۾ ڪارڪن ٻاهر نڪري آيا آهن ۽ روڊ رستا بند ڪرايا پيا وڃن. الڪيشن ڪميشن طرفان توشه خانه ريفرنس ۾ عمران خان کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي جنهن خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. مختلف شهرن ۾ موٽر وي ۽ اهم روڊ بند ٿيڻ سبب عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي ، حڪومت طرفان سڄي ملڪ ۾ پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي ملڪ گير احتجاجي ڪال کانپوءِ لاهور، روالپنڊي، فيصل آباد، رحيم يارخان، گوجرانوالا، فيروز پور سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو