توشه خانه جي نئين ڪيس ۾ خان ۽ بشريٰ جي گرفتاري ظاهر

توشه خانه جي نئين ڪيس ۾ خان ۽ بشريٰ جي گرفتاري ظاهر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيورو (نيب) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب نيب جي ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب محسن هارون جي سربراهي ۾ ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب نئين توشه خانه ريفرنس ۾ مڙس ۽ زال کي گرفتار ڪري ورتو آهي، کين نئين توشه خانه ريفرنس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.نيب ذريعن موجب وزيراعظم جي حيثيت ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري کي توشه خاني مان تحفا مليا.ان کان اڳ لاهور ۾ داخل 9 ڪيسن جا جاچ آفيسر به اڊيالا جيل پهچي ويا، لاهور پوليس جي ٽيم راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان اجازت وٺڻ بعد اڊيالا جيل پهچي وئي.ذريعن موجب لاهور پوليس طرفان باني بي پي ٽي آءِ جي گرفتاري جو امڪان آهي.قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ لاهور پوليس جي ٽيم اڊيالا جيل اندر وئي ۽ شروعاتي طور تي لاهور پوليس جا 3 اهلڪار اڊيالا جيل اندر ويا.اڊيالا جيل اندر موڪليل آفيسرن ۾ انسپيڪٽر منير، ارحم ۽ اڪمل شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو