توشه خاني جا تحفا جڏهن وڪرو ٿين ٿا ته ڪلاسيفائيڊ ڇا جا؟

توشه خاني جا تحفا جڏهن وڪرو ٿين ٿا ته ڪلاسيفائيڊ ڇا جا؟

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ توشه خاني جي سربراهه جو بيان قلمبند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاصم حفيظ توشه خاني مان ورتل تحفن جي تفصيل لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته اهي دستاويز ڪلاسيفائيڊ آهن، عدالت پڇو ته ان بابت حڪومتي وڪيل جو ڇا چوڻ آهي؟ عدالت جي سوال تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن طرفان جواب ڏنو ويو آهي، 1973ع ۾ توشه خانو پرڏيهي وزارت کان ڪيبينيٽ ڊويزن ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته تحفا وڪرو ٿيندا آهن ته پوءِ اهي ڪلاسيفائيڊ ڪيئن ٿيا؟ جيڪڏهن حلف نامي ۾ اچي ٿو ته اها ڪلاسيفائيڊ ڄاڻ آهي ته پوءِ عدالت ان کي ظاهر نه ڪندي، ٿي سگهي ٿو ته عدالت هڪ اصول ٺاهي ته اها ڄاڻ ڏني وڃي يا نه، لاڳاپيل کاتو حلف نامي ۾ سبب ٻڌائي ته اها معلومات ڪيئن ڪلاسيفائيڊ آهي. عدالت جي پڇاڻي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته مون کي بيان حلفي جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏيو، جنهن تي عدالت چيو ته بيان حلفي سان گڏ رڪارڊ به ڏيو، ٻڌڻي بند ڪمري ۾ ڪنداسين. عدالت توشه خاني جي سربراهه کان ڳجهي ڄاڻ بابت بيان حلفي طلب ڪندي پبلڪ پراسيڪيوٽر کي 2 هفتن ۾ توشه خاني جي سربراهه جو بيان حلفي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو