توشه خانا ڪيس، خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

توشه خانا ڪيس، خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي سيشن عدالت توشه خانه ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشاخاني ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ بعد سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن جو وڪيل امجد پرويز ۽ چيئرمين پي ٽي آءِ جو وڪيل گوهر علي خان عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته چيئرمين پي ٽي آءِ جو وڪيل خواجا حارث پيش نه ٿيو.ان کان علاوه توشاخانا ڪيس جا ٻه شاهد ضلعي اليڪشن ڪمشنر وقاص ملڪ ۽ اليڪشن ڪميشن جي فنانس ونگ آفيسر مصدق انور به عدالت ۾ پيش ٿيا.پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي.وڪيل گوهر علي خان دليل ڏيندي چيو ته عدالت کي درخواست آهي ته ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وڃي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي وڪيل امجد پرويز اعتراض واريندي چيو ته اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جو ڪو به ٺوس سبب ناهي، جيڪڏهن ٽرائل هلي رهيو آهي ته عدالت ۾ پيش ٿئي.وڪيل امجد پرويز چيو ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي سومر تي طلب ڪري ورتو آهي، کيس سومر تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حلف نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ کيس سيشن ڪورٽ ۾ به پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وڃي.جج همايون دلاور رمارڪس ڏنا ته توشه خاني ڪيس جي فائل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. اڄ جيڪا درخواست آئي آهي ان ۾ به حاضري کان ڇوٽ جي درخواست هئي، روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي تي توهان اعتراض ڪري رهيا آهيو، عدالت هميشه سندن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي آهي، هو هڪ ڀيرو به عدالت ۾ پيش نه ٿيا آهن.عدالت اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ بعد سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو