توانائي واري وزير جو مختلف تقريبن ۾ شرڪت

توانائي واري وزير جو مختلف تقريبن ۾ شرڪت

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) توانائي جي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ پاران خانپور شھر جي مختلف تقريبن ۽ آجياڻين ۾ شرڪت ڪئي ، خانپور جي شھرين ڀرپور استقبال ڪيو ، خانپور شھر جا چونڊيل ڪائونسلر ، پي پي پي خانپور اڳواڻ ۽ معزز شھري ۽ ٻيا گڏ ھئا، صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ ، خانپور اسپتال کي پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ ۽ پريس ڪلب خانپور جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ ، چيو ته ھن سال انشاءالله خانپور اسپتال کي تعلقي جو درجو ملي ويندو ان ۾ وزير اعلي سنڌ ، وزير صحت ۽ پي پي پي جي اعلي قيادت جي ڪوششن سان 3 اسپتالون ميان جو ڳوٺ، سلطان ڪوٽ ۽ خانپور اسپتال کي پي پي ايڇ آء حوالي ڪرايو آھي ، ھي ادارو صحت جي شعبي ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو آھي، سڀ سھوليتون مھيا ٿينديون ، ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪيو ويندو ، خانپور جي عوام جو مطالبو پورو ڪيو ويندو جلد ڊگري ڪاليج جو افتتاح ٿيندو ، توانائي بحران جي حل لاء خانپور شھر ۾ جلد نئوا ٽرانسفارمر لڳايا ويندا، خانپور شھر ۾ ميگا ڊرينيج جي اسڪيم جو ڪم ھلي رھيو آھي، جلد مڪمل ٿيندو، خانپور اسٽيڊيم جي مرمت ڪرائي ويندي، اسين لوڪل باڊي اليڪشن ۾ خانپور جي عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪيون ٿا اسان جو انھن سان ڀرپور ساٿ ھوندو، صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ خانپور شھر ۾ رھائش اختيار ڪرڻ چاھيان ٿو جئين عوام جي در تي خدمت ڪري سگھان، خانپور اسپتال ۾ ڊي ايڇ او شڪارپور ڊاڪٽر عاشق شيخ، ايم ايس خانپور ڊاڪٽر حفيظ شاھ، پي پي ايڇ آء ڊسٽرڪٽ مينجر ڊاڪٽر علي رضا بوزدار ، پي پي پي اڳواڻ خانپور پير خان محمد ، ڪائونسلر زوار اصغر علي سيٺار، حافظ سليم ۽ خانپور پريس ڪلب رجسٽرڊ خانپور جي صدر محمد پريل ابڙو، جنرل سيڪريٽري صفيع الله سيٺار ۽ ٻين خطاب ڪيو، ان کان اڳ صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ ، نئين مقرر خانپور پريس ڪلب رجسٽرڊ خانپور جي باڊي کي حلف کڻايو ۽ رجسٽرڊ ٿيڻ تي مبارڪباد ۽ اسناد پيش ڪيو، صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ ، اڳوڻو ڪائونسلر خانپور لياقت سيٺار جي مانجھنڊي ۾ شرڪت ڪئي، صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ ، جامعہ مدینہ ۾ قاري مجيب الرحمن مدني سان والد قاري محمد علي مدني جي لاڏاڻي ۽ حاجي خواستي ۾ ڊاڪٽر عبدالحفيظ بروھي سان شھيد ڀائيٽن جي فوتي تي تعزيت ڪئي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو