اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رات 8.30 وڳي بازار بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي قدمن تي غور ڪيو ويو.اجلاس ۾ صوبن رات 8.30 وڳي بازار بند ڪرڻ تي اصولي اتفاق ڪيو. بيان موجب وڏن وزيرن توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ گير قدمن تي وفاقي ڪابينا جي فيصلن سان اتفاق ڪيو.










