تنگواڻي (ن س) تنگواڻي واسي 2 پورهيت پراسرار نموني گم ٿي ويا، وارثن طرفان ڌرڻو هنيو ويو، ڪيترن ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري، ڌرڻي واري هنڌ ڇڪتاڻ وقفي وقفي سان جاري،تنگواڻي واسي 2 پورهيت ڪنڌڪوٽ کان واپس ايندي پراسرار نموني گم ٿي ويا، وارثن پاران ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو وي،ٻنهي نوجوانن جي وارثن پاران وين ٽرمنل وٽ ڌرڻو جاري، سنڌ_بلوچستان طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي،وارثن موجب غلام رسول بکراڻي ۽ سندس دوست منصور پٺاڻ ڪنڌڪوٽ کان واپس ايندي پراسرار نموني گم ٿي ويا،مظاهرين موجب ٻنهي نوجوانن جا موبائيل فون بند آهن، خدشو آهي ته کين اغوا ڪيو ويو آهي










