تنگواڻي لڳ روڊ حادثي ۾ عورت فوت، ٽي زخمي

ڪنڌڪوٽ (ن س) انڊس ھاءِ وي تي تنگواڻي لڳ روڊ حادثي ۾ هڪ عورت فوت ۽ ٽي ٻيا زخمي ٿي پيا. حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. اشرف خان بجاراڻي ڳوٺ جارھواسي ڪارسوارڪنڌڪوٽ طرف اچي رھياھئاتہ تيز رفتاري سبب ڪارڪلٽي ٿي پيئي، جنھنجي نتيجي ۾ حاڪم زادي ڀٽي موقعي تي فوت ٿي ويئي. حادثي ۾ ڊرائيور سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنھن ۾ ھڪ نيگري به شامل آھي. زخمين کي طبي امدادلا۽ ڪنڌڪوٽ اسپتال آندو ويو. جڏھن ته فوتي عورت جولاش پوسٽ مارٽم بعد وارٽن حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو