تنقيد بعد ڊائو يونيورسٽي تڪراري فارم هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊائو يونيورسٽي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ۽ وڏي وزير جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ تڪراري اشتهار هٽائي ڇڏيو پر نه غلطي تسليم ڪئي نه ئي معذرت ڪئي. ڊائو يونيورسٽي انتظاميا داخلا جي حوالي سان پنهنجي ويبسائيٽ تي داخلا فارم  جاري ڪيو هو، جنهن ۾ ڪراچي ۽ سنڌ کي ڌار ڌار ڪري الڳ الڳ ڊوميسائيل جا شرط ڄاڻايا ويا هئا. يونيورسٽي انتظاميا جي اهڙي عمل تي سوشل ميڊيا تي صبح کان سخت تنقيد هلي رهي هئي. جنهن جو وڏي وزير مراد علي شاهه به نوٽيس ورتو، جنهن کانپوءِ انتظاميا ويب سائيٽ تان ڪراچي ۽ سنڌ کي ڌار ڄاڻائڻ وارو داخلا فارم  هٽائي ڇڏيو. ان باري ۾  ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي رجسٽرار پروفيسر امان الله انتظاميا طرفان اهڙي عمل تي معافي يا معذرت نه ڪئي، لاڳاپيل اختيارين کي جاري ڪيل ليٽر ۾  غلطي جو اعتراف به نه ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو