ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر تميم اقبال ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. کاٻي هٿ جي اوپنر تميم اقبال سوشل ميڊيا پيغام ۾ ٽي ٽوئنٽي تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. تميم اقبال ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز 3 صفر تان کٽڻ بعد ٽي ٽوئنٽي تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.










