لاهور(ويب ڊيسڪ)پوليس طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ فواد چوڌري کي لاهور پهچايو ويو جتي کيس اڳ ۾ فارنزڪ ليب ۽ پوءِ سندس گهر نيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام پوليس طرفان فواد چوڌري کي پهريون لاهور ۾ واقع فارنزڪ سائنس ليبارٽري آندو ويو جڏهن ٿوري ئي دير کانپوءِ کيس اتان واپس نيو ويو.ذريعن ٻڌايو ته پوليس فواد چوڌري کي سندس گهر وٺي وئي جتي سندس موجودگي ۾ گهر جي تلاشي ورتي وئي.انکان اڳ پوليس فواد چوڌري کي فوٽوگراميٽري ٽيسٽ جي لاءِ اسلام آباد کان لاهور آندو هو.پوليس فواد چوڌري کي وائيس ميچ جي لاءِ فارنزڪ ليبارٽري آندو هو.ياد رهي ته فواد چوڌري کي گذريل ڏينهن ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو هو.










