نوشهرو فيروز (ن س)سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ ۽ تعليم کان وانجهيل ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ جاڳرتا ريلي گورنمينٽ مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز کان پريس ڪلب تائين ڪڍي ويئي جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري محمد اسلم راڄپر، ٽي اِي او عطا محمد سولنگي، گسٽا جي ضلعي صدر محمد پريل ڪاڪيپوٽو، ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر آفيسر طارق حسين سومرو، محمد رمضان مري، گل حسن سهتو، جاويد وسطڙو، راشد ميمڻ، مير حسن انڙ، نسيم ميمڻ، علي عباس ڦل، مظهر ڪيريو، الطاف مري، جميل احمد خانزادو، متارو وسطڙو، عبدالغفور ميمڻ، ارباب ملاح، مظهر ڏنگراچ، مظهر ميمڻ، شهباز حيدر، فياض قريشي، باقر وسطڙو، رفيق سولنگي، عزيز سولنگي، رميز چنه، سرفراز عمراڻي سميت وڏي تعداد ۾ استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊي اي او محمد اسلم راڄپر چيو ته ٻار اسڪول ۾ ئي سونهن ٿا تازو برساتن سبب جيڪي ٻار اسڪولن ۾ داخل ٿي نه سگهيا آھن، انهن جي داخلا لاءِ اسان جي ڪوشش آھي ته ڪوبه ٻار اسڪول کان ٻاهر نه هجي. هن وڌيڪ چيو ته معاشري جي ترقيءَ جو دارو مدار تعليم تي ئي آھي اها عام ڪرڻ سان ئي اسان معاشري ۾ خوشحالي پئدا ڪري سگهون ٿا.










