تعليم کاتي ۾ آفر آرڊر نه ملڻ تي اميدوار جو ڳچيءَ ۾ ماني ٻڌي احتجاج

تعليم کاتي ۾ آفر آرڊر نه ملڻ تي اميدوار جو ڳچيءَ ۾ ماني ٻڌي احتجاج

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف اميدوار علي ڏنو گاد ڪالهه 396 هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي هن دانهيو ته مون سميت سوين نوجوانن تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ سال 2009ع دوران سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪئي جيڪي 10 سالن کان مسلسل بيروزگاري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر جاري ڪري روزگار فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو