تعليم کاتي بي ڌياني،وارڊ 7 جو اسڪول 20 سالن کان بند

تعليم کاتي بي ڌياني،وارڊ 7 جو اسڪول 20 سالن کان بند

ٺٽو ( ن سنڌيار) ٺٽي شھر جي بخاري محلي وارڊ 7 ۾ قائم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ربڏنو ڀٽو جيڪو تعليمي اداري جي بددياني سبب گذريل 20 سالن کان بند پيل آھي جيڪا مرمت نـ سبب زبون حالي جو شڪار بڻيل آھي اسڪول بند ھجڻ اسڪول جي سرڪاري پلاٽ تي بااثر ماڻھن جا قبضا ڪيا ويا آھن جڌھن تـ عدالتن ۾ بار بار پٽيشن داخل ڪرڻ باوجود بـ ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ پاران ھن اسڪول جي مرمت لاء ڪي بي اپاءٔ ناھن ورتا ويا ايجوڪيشن ورڪس پاران بجيٽ نـ ھجڻ جو سبب ڄاڻائڻ جي ڪري علائقي جا معصوم ٻارڙا تعليم جھڙي نعمت کان محروم بڻيل آھن اسڪول شھر جي ھڪ اھم محلي جنھن جي آسي پاسي ٻھرآڙيون پڻ لڳن ٿيون انھن ڳوٺن جا ٻار پڻ تعليم جھڙي زيور کان محروم بڻيل آھن جڏھن تـ اسڪول شھر ۾ ھجڻ باوجود ضلعي انتظاميا ڊي سي ٺٽو ايس ايس پي ٺٽو ۽ علائقي جا چونڊيل نمائيندا اگھور ننڊ ستل آھن محلي واسين گھر ڪئي آھي تـ ھن اسڪول جي بلڊنگ جي مرمت ڪرائي ۽ اسڪول جي بلڊنگ ۽ زمين تا قبضا ختم ڪرائي ترت اسڪول کي آباد ڪيو وڃي تـ جيئن محلي جا ٻار تعليم جھڙي اھم زيور کان محروم نـ رھي سگھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو