تعليم جي بهتري لاءِ نئين پاليسي بابت ڪميٽي قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم جي بهتري لاءِ  جديد طرز تي پاليسي ٺاهڻ لاءِ  مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ناهيد دراني جي سربراهي ۾ 11 رڪني ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ تعليم وارو سيڪريٽري، چيئرمين ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ڊائريڪٽر ڪريڪيولم، آءِ بي اي جو نمائندو ۽ ٻيا شامل هوندا. عدالت اهڙو حڪم ڇنڇر تي سنڌ ۾ تعليمي سڌارن بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت ڪميٽي کي هر ٽن مهينن ۾ پيشرفت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم به ڏنو آهي. عدالت سمورن سيشن ججز کي حڪم ڏنو ته امتحان مرڪزن جي نگراني لاءِ مئجسٽريٽ مقرر ڪيا وڃن ۽ مئجسٽريٽ کي پوليس جي مدد پڻ ڏني وڃي. عدالت چيو ته امتحانن کي خراب ڪندڙ خلاف ڪرمنل ڪيس داخل ڪيا وڃن، ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر ڪريڪيولم اعتراف ڪيو ته تعليمي پاليسي 2006ع لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪامي ٿي آهي، هن نيشنل پاليسي 2006ع لاڳو ڪرڻ لاءِ عدالت کي يقين ڏيندي چيو ته 2020ع ۽ 2021ع جي تعليمي سال ۾ پاليسي لاڳو هوندي. تعليمي بورڊ عملدارن پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته سال 2021ع جي امتحانن ۾ آغا خان ۽ پنجاب بورڊ جو طريقيڪار لاڳو ڪيو ويندو. ان موقعي تي لاڙڪاڻي بورڊ جي چيئرمين عدالت کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي بورڊ ۾ ڪاپي روڪڻ لاءِ آٽو ميٽڪ سسٽم ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته حيدرآباد بورڊ جي چيئرمين جو چوڻ هو ته حيدرآباد بورڊ ايندڙ امتحانن لاءِ او ايم آر ۽ او سي آر نظام شروع ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي عدالت ڄاڻايل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ناڪامي جي صورت ۾ توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالت سيشن جج ڄامشورو کي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪندي سمورن لاڳاپيل شعبن جو معائنو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عدالت حڪم ڏنو ته سيشن جج آرڊر جي روشني ۾ هدايتون جاري ڪري سگهن ٿا ۽ سيشن جج سڀني  اسڪولن ۽ ڪاليجن کي ڪتاب ۽ ٻيو مٽيريل پهچائڻ کي يقيني بڻائيندا. عدالت ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ٻن غير لاڳاپيل ميمبرن قاضي اسد عابد ۽ نظير لغاري کي هٽائڻ جو حڪم پڻ ڏنو ۽ سندن جاءِ تي محمد ميمڻ ۽ صديقه صلاح الدين کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته تعليمي پاليسي کي نظر انداز ڪرڻ سان سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن جو نقصان ٿيو آهي پاليسي لاڳو ڪندڙن جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ ناهن ان ڪري نظرانداز ڪيو ويو. عدالت گريجوئيشن لاءِ 16 سالن کان پوءِ ڊگري ڏيڻ جي هدايت ڪئي گريجوئيشن جي 12 سالن واري ڊگري ملڪي ۽ عالمي سطح تي غير اهم آهي. عدالت ڪاري موري ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ واري عمل جي ساراهه پڻ ڪئي. عدالت سنڌ ۾ يونيورسٽيون ٺاهڻ لاءِ حڪومت کي غور جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت سيڪريٽري يونيورسٽيز کان نين يونيورسٽين بابت ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت ايسوسيئيٽ ڊگري بابت اعلان 3 ڀيرا ڇپرائڻ جي هدايت، شاگردن کي واضح ٻڌايو وڃي ته ايسوسيئيٽ ڊگري بيچلر ڊگري ناهي. عدالت ڪاري موري ڪاليج تي رينجرز جي قبضي بابت ڊي جي رينجرز کي نوٽيس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اسڪول جا استاد پنهنجي ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾  تعليم ڏيارين ٿا، استادن جا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ته ان جو مطلب استادن جي آمدني تمام سٺي آهي. عدالت رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته استاد پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائن ته بهتر ٿيندو، لاڳاپيل عملدارن ان معاملي کي ڏسن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو