تعليمي بورڊز کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سنڌ جي تعليمي بورڊن جي امتحاني نظام کي مرحليوار آئوٽ سورس ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سنڌ جي تعليمي بورڊز ۾ نائين ۽ يارهين جي امتحانن کان مرحليوار آئوٽ سورسنگ لاڳو ڪئي ويندي، جڏهن ته ڏهين ۽ ٻارهين جا امتحان پراڻي سسٽم تحت ٿيندا. بورڊز ۽ يونيورسٽين واري وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ سنڌ جي چيئرمين تعليمي بورڊز جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بورڊز ۽ يونيورسٽيز کاتو اڱاري تي آئوٽ سورسنگ جا ٽينڊر وٺن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهو هر بورڊ تي منحصر هوندو ته اهو فيصلو ڪري ته پهريان ڇا آئوٽ سورس ڪيو وڃي، آئوٽ سورس ٿيل پيپر جي سيٽنگ، امتحاني ويڙهاڪ، اي-مارڪنگ ۽ نتيجن کي شامل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو