تعليمي بورڊز جي ڪارڪردگيءَ تي خدشا آهن: سردار شاهه

تعليمي بورڊز جي ڪارڪردگيءَ تي خدشا آهن: سردار شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته تعليمي بورڊز جي ڪارڪردگيءَ تي خدشا آهن، بورڊز جي ڪارڪردگيءَ مان خوش نه آهيون هن چيو ته بورڊ جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ بورڊ کي روايتي طريقڪار تبديل ڪرڻو پوندو صوبائي وزير چيو ته امتحاني طريقي ۾ او ايم آر مشين کي بورڊز ۾ شامل ڪيو وڃي، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان بورڊز ۾ ڪرپشن کي به روڪي سگهجي ٿو سردار شاهه چيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي وڏي تعداد ۾ ميمبرن تي مشتمل آهي، ڪجهه مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽيون قائم ڪيون آهن، ورڪنگ ڪميٽي مختلف معاملن تي اهم فيصلن تي تجويزون ڏيندي سردار شاهه چيو ته پاڪستان لٽريچر فيسٽيول لاهور ادبي حوالي سان ثقافت کاتي تي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ الزام لڳايا ويا آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي طرفان لاهور فيسٽيول منعقد ڪيو ويو، ثقافت کاتي هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو