تعليمي ادارا 19 تائين بند، آڱوٺي ڇاپ استاد فارغ ڪبا، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ يونيورسٽيز، ڪاليجز ۽ اسڪولز 19 آگسٽ تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صوبي ۾ لاڪ ڊائون سبب ملتوي ٿيل بورڊز جا امتحان اڱاري کان 6 محرم الحرام تائين وٺڻ جو اعلان، ڪراچي ۾ تعليم ۽ يونيورسٽي اينڊ بورڊز جي وزيرن جي گڏيل صدارت هيٺ اجلاس دوران سنڌ ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس بعد تعليم واري  صوبائي وزير سردار شاهه ۽ اسماعيل راهو گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته تعليمي ادارن جَي ملازمن جي ويڪسينيشن يقيني بڻائي ويندي، ويڪسين نه ڪرائيندڙ ملازمن جون پگهارون بند ڪنداسين، هنن چيو ته آءِ بي اي سان گڏجي تعليم کاتي ۾ ڀرتين لاءِ جلد ٽيسٽ ڪرائي ويندي، هاڻي آڱوٺي ڇاپ استادن مان جان ڇڏائڻي آهي، نصاب کي به اپڊيٽ ڪرڻ لاءِ جائزو وٺنداسين. صوبائي وزيرن جو چوڻ آهي ته اين سي او سي جي ڪالهوڪي گڏجاڻي کانپوءِ اسان کي رهيل امتحانن بابت فيصلا ڪرڻا ھئا. بورڊز جي شيڊيول موجب آگسٽ کان امتحانن جو شيڊيول جاري رهندو جيڪو 2 سيپٽمبر تائين جاري رهندا، هنن چيو آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرايو ويندو، ڪاپي کي ڪنهن به وصرت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، بورڊ امتحانن بابت ضابطه اخلاق جاري رکندا، امتحاني سينٽرز تي ڪنٽرولر به موبائل کڻي نه ويندا، هنن چيو آهي ته اسڪولز ڪاليجز ۽ يونيورسٽي 19آگسٽ تائين بند رهندا جنهن حوالي سان پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن کي به اسان جي ڪلينڊر سان گڏ هلڻو پوندو، هنن چيو آهي ته ڪراچي ۾ ھن وقت 23 سيڪڙو ڪورونا جا ڪيسز آهن۽ کوڙ سارا چئلينجز آهن، اسان هڪ روڊ ميپ ٺاهيو هو، نصاب روائيز، انفراسٽرڪچر ٺيڪ ڪنداسين ۽ اسڪول ٻارن جو دوست هوندو، هنن چيو آهي ته اسڪولز جو معيار بهتر ڪنداسين، 20 آگسٽ کان اسڪول کولينداسين پر ان تي حتمي فيصلو ايندڙ گڏجاڻي ۾ ٿيندو، هنن چيو آهي ته سرڪاري اسڪولن جو نظام بهتر ڪنداسين، نظام بهتر نه ٿيندو ته ڪير چاهيندو اسان پئسا ڀريون، يونيورسٽيز ۽ بورڊز جا کوڙ مسئلا آهن، پيپر آئوٽ ڪرڻ ۾ ٻنهي کاتن جا ئي ماڻهو ٿي سگهن ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو