باڊهه (ن سنڌيار)باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊهه تعلقا موومينٽ پاران تعلقا موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرز زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊهه پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي مختلف سياسي سماجي علمي ادبي ۽ ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن عزيز بروهي، علي انور عسڪري، دودو ديشي، ڪامريڊ منور نوناري، ڪامريڊ اصغر نوناري، ڪامريڊ محمد علي خشڪ، نبي رضا بلوچ، طاهر نور هيسباڻي، محمد هاشم مدني سومرو، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، محمد امين سيال، مور سنڌي، ڪاشف جوڻيجو سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري باڊهه تعلقي جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته محرم الحرام جي مهيني ۾ هڪ طرف يا حسين جي صدائن سان گڏ يزيديت خلاف ڦٽڪار وسي رهي آهي ته ٻئي طرف شهري باڊهه تعلقا موومينٽ جي پليٽ فارم تان وقت جي يزيدن خلاف سراپاءِ احتجاج بڻيل آهن ڇاڪاڻ ته وقت جي حڪمرانن هر اليڪشن مهم دوران باڊهه واسين سان باڊهه کي تعلقي بڻائڻ سميت بنيادي سهولتون ڏيڻ جا ڪوڙا واعدا ڪري ووٽ وٺي اقتدار جا مزا ماڻيا پر انهن باڊهه واسين سان ڪيل واعدا وفا نه ڪيا جنهن ڪري باڊهه واسي مايوسي جو شڪار ٿي پيا آهن پر باڊهه تعلقا موومينٽ جي لڳاتار جدوجهد شهرين ۾ هڪ اميد پيدا ڪئي آهي ته باڊهه شهر جيڪو آبادي ۽ ايراضي جي لحاظ کان تعلقي جو حقدار آهي ۽ تعلقي جون سموريون گهربل تقاضائون به مڪمل ٿيل آهن سو هڪ ڏينهن تعلقو ضرور ٿيندو ۽ باڊهه تعلقا موومينٽ اڳواڻ به ٿڪجڻ بجائي پنهنجي ارادن تي هماليا جيان اٽل ۽ ارڏا بيٺل آهن ۽ هر هفتي آچر جي ڏينهن احتجاج ڪري چونڊيل نمائندن کي سندن ڪيل اهي واعدا ياد ڪرائيندا آهن جيڪي هنن وساري ڇڏيا. وڌيڪ هنن چيو ته باڊهه شهر سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري کيس هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. باڊهه شهر ۾ بائي پاس نه هئڻ سبب شهر جو ڪاروبار تباھه ٿي چڪو آهي. ٽيڪسي اسٽينڊ نه هئڻ ڪري گاڏيون روڊن تي بيٺل رهن ٿيون ۽ جڏهن ڪا هيوي گاڏي گذر ڪري ٿي ته پوري شهر ۾ ٽريفڪ جام ٿي وڃي ٿو. شهر ۾ پبلڪ پارڪ يا تفريحي ماڳ نه هئڻ ڪري نوجوان سماجي براين جي اڏن تي ويهي پنهنجون زندگيون وڃائي رهيا آهن. ٻئي طرف شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ، صحت جون مڪمل سهولتون نه هئڻ سميت ٻين ٿورن مسئلن لاءِ به باڊهه واسي ڳرا ڀاڙا ڀري ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ ٿي مجبور بڻيل آهن ويتر ويساهه گهاتي اهيا به آهي ته باڊهه جي پسگردائي ۾ جن شهرن کي تعلقي جا درجا مليل آهن اهي باڊهه شهر کان آبادي ۽ ايراضي جي لحاظ کان تمام ننڍا آهن. وڌيڪ هنن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، پي ايس 13 جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کان مطالبو ڪندي چيو ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏئي شهرين ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ بلدياتي اليڪشن جيان جنرل اليڪشن ۾ به شهري پيپلزپارٽي جي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي کيس شڪست ڏياريندا ۽ باڊهه تعلقا موومينٽ جي پليٽ فارم تان اسان جي هي جدوجهد تيستائين جاري رهندي جيستائين باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ڏنو ويندو.










