ٿرپارڪر(ن سنڌيار) تعلقي ڏيپلو جي ڳوٺ سجائي جي مڊل بوائز اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿي ويئي، ديوارون ۽ ڪمرن ۾ وڏا ڏار پئجي ويا مرمت لاءِ اسڪول کي وزٽ به ن ڪيو ويو ن اڃان تائين ڪا بجيٽ منظور ٿي، ڳوٺاڻن سونهارو خان درس عالم درس غفور درس وينجهراج سنگه سوڍو سوائي سنگه سوڍو علي هالو يوسف هالو حاجي لکاڏنو حجام صالح حجام ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جي بلڊنگ ۽ ديوار جي اهڙي حالت آھي جو ان سان ڪنهن وقت به ڪو نقصان ٿي سگهي ٿو، .ديوارون ٻئي طرف ڪمرا به زبون بڻجي ويا آھن وڏي عرصي کان هن جي ڪا به مرمت وغيره نه ڪئي ويئي آھي، بلڊنگ ۽ ديوار جي اهڙي حالت سبب اسڪولي شاگرد، استاد ۽ ڳوٺاڻا خوف جو شڪار آھن ۽ پڙھائي ٻارن جي متاثر ٿي رهي آھي، ايجيوڪيشن ۽ ورڪس ڊپارٽمينٽ وارا اسڪول جو وزٽ به ن ڪيو آهي ن اڃان تائين ڪا به بجيٽ منظور ٿئي سگهي آهي جنهن سان هن بلڊنگ جو ڪم ٿي سگهي اسان تعليم جي وزير سردار شاه، سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ۽ ٿر جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسڪول جي مرمت ڪرائي ڏني وڃي جيئن ٻار صحيح تعليم پرائي سگهن. ساڳي ڳوٺ سجائي جي پرائمري بوائز اسڪول جي بلڊينگ ب زبون هال آهي










