سکر(امداد علي ڪلوڙ) ناليواري اديب، محقق، تاريخدان، سنڌي، اردو، انگريزي، روسي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتابن جي ليکڪ شاھد علي صوف ابڙو نوڪريءَ مان جبري برطرف ڪرڻ خلاف ۽ بحاليءِ لاءِ سکر پريس ڪلب اڳيان مسلسل احتجاج جاري رکندي چيو ڪوڙن الزامن ۽ رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪري پرنٽنگ ڪارپوريشن پاڪستان پريس ڪراچي جي ڪرپشن ۽ بيقائدگين سبب سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي سزايافته سابق مئنيجر مظفر چانڊئي نوڪريءَ تا برطرف ڪيو،جنھن خلاف پي سي پي پريس ھيڊ آفيس کي اپيلون ڪيون ۽ لڳايل الزامن کي ڪوڙو ثابت ڪيو پر تعصب پرست آفيسرن منھنجون اپيلون ۽ ٻيا ڪاغذ لڪائي ڇڏيا ۽ ست مھينن تائين ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. بعد ۾ صدر، وزيراعظم، چيف جسٽس، آرمي چيف ۽ ٻين ادارن کي درخواستون موڪليون جن پي سي پي پريس اسلام آباد کان جواب گھريو جنھن بعد انتظاميه نوڪريء تي بحال ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ انڪوائري ڪرائي وئي انڪوائري رپورٽ ۽ رڪارڊ ڪليئر ھئڻ باوجود آفيسرن ان کي دٻائي ڇڏيو ۽ ٻيھر ڪراچي پريس انتظاميه کان من پسند انڪوائري رپورٽ گھري آھي. ھن چيو ته گذريل اٺ مھينن کان بيروگار ھئڻ سبب ٻارڙن جو اسڪول وڃڻ بند ٿي ويو آھي ۽ ٻارڙا گذريل امتحان به نه ڏئي سگھيا آهن گھر ۾ بک ۽ مفلسي واري حالت آھي بيروزگاري سبب 16 سال ارتقا ۽ سنڌ جي سائنسي بنيادن تي اوائلي تاريخ تي ڪيل تحقيقي ڪم به ضايع ٿي رھيو آھي. ھن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته جلد نوڪريءَ تي بحال درخواستون، اپيلون ۽ ٻيا ڪاغذ دٻائي غائب ڪندڙ عنصرن خلاف انڪوائري ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.










