تسنيم احمد قريشي جو پاڪستان اسٽيل ملز ڪراچي جو دورو

تسنيم احمد قريشي جو پاڪستان اسٽيل ملز ڪراچي جو دورو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خصوصي معاون تسنيم احمد قريشي پاڪستان اسٽيل ملز ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ ملز جي موجوده صورتحال بابت معلومات ورتي.ملاقات ۾ امتياز صفدر وڙائچ خاص مبصر طور پڻ موجود هو.سي اي او پي ايس ايم سيف الدين جوڻيجو، ڪارپوريٽ سيڪريٽري پي ايس ايم ايم شفيق انجم ۽ ٻين آفيسرن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملازمن کي 124 ارب رپيا واجب الادا آهن. مجموعي طور تي 30 ارب روپين جي ضرورت آهي قرضن، واجبات، خرچن ۽ مختلف قسم وغيره جي ادائگي لاءِ اها رقم درڪار آهي. ”2003-4 اسٽيل ملز ويهه سيڪڙو منافعي تي هئي پر 2008-9 ۾ ان کي بين الاقوامي کساد بازاري ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن جي ڪري 26 ارب رپين جو نقصان ٿيو“. هڪ PSM اهلڪار جي اجلاس کي آگاهي. وڌيڪ چيو ويو ته پي ايس ايم کي 2008-9 ۾ هلائڻ لاءِ 20 ارب رپين جو بيل آئوٽ پيڪيج تمام ضروري هو پر ڪا خاص رقم وصول نه ٿي سگهي هئي، هاڻ ملز 2015 کان بند پيل آهن. نجڪاري ڪميشن جو پي ايس ايم جي ڪجهه حصن کي پرائيويٽائيز ڪرڻ جو منصوبو آهي، چئن چيني ڪمپنين کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي پر معاملو وڏي پئماني تي قرضن جي ادائيگي جو آهي.اي سي سي ڪابينا 19.6 بلين رپين جي ريٽائرمينٽ جي لاء ادائيگي جي منظوري ڏني آهي. 49.9 سيڪڙو مزدورن کي اڳي ئي فارغ ڪيو ويو آهي.ي ايس ايم ۾ چوري بابت سوال جو جواب ڏيندي هڪ آفيسر ٻڌايو ته هڪ آفيسر کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو