استبول(ويب ڊيسڪ)ترڪي ۾ پاڪستان جي نئين سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد صدر رجب طيب اردگان کي سفارتي سندون پيش ڪيون.تقريب کانپوءِ صدر رجب طيب اردگان ۽ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ڊاڪٽر يوسف جنيد 1986ع ۾ سينٽرل سپيريئر سروسز آف پاڪستان جي ڪامرس اينڊ ٽريڊ گروپ ۾ شامل ٿيو.










