ترڪي ۾ راڪيٽ ۽ بارود جي فيڪٽري ۾ ڌماڪو، 5 ڄڻا مارجي ويا

ترڪي ۾ راڪيٽ ۽ بارود جي فيڪٽري ۾ ڌماڪو، 5 ڄڻا مارجي ويا

انقرهه (ويب ڊيسڪ)ترڪي ۾ راڪيٽ ۽ ڌماڪيدار مادو ٺاهڻ واري ڪارخاني ’مڪينيڪل اينڊ ڪيميڪل انڊسٽري‘ (ايم ڪي اي) ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.ترڪي ميڊيا رپورٽن موجب ترڪي جي راڄڌاني انقره کان 40 ڪلوميٽر پري واقع هڪ فيڪٽري ۾ زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ ويجهن عمارتن جا شيشا ٽٽي ويا.ترڪي جي بچاءَ واري کاتي موجب، ڌماڪو فيڪٽري جي ڊائنامائيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ لڳڻ سبب پيش آيو.ترڪي جي نائب بچاءَ واري وزير هڪ بيان ۾ چيو ته فيڪٽري اندر ڌماڪي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز جو دفاع کاتي جي عملدارن جائزو ورتو ۽ ڪجهه به غير معمولي نظر نه آيو.هن چيو ته فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪارخاني ۾ اسان جا مزدور معمول مطابق پنهنجو ڪم ڪري رهيا هئا جڏهن اوچتو ڌماڪو ٿيو.ترڪ بچاءَ واري کاتي موجب واقعي جي عدالتي ۽ انتظامي سطح تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صدر کي به واقعي کان آگاهه ڪيو ويو آهي.ترڪ ميڊيا موجب صدر رجب طيب اردگان به حادثي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي مارجي ويلن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو