ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سبب مارجي ويلن جو انگ 50 هزار

انقره (ويب ڊيسڪ)ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 50 هزار کان وڌي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب هلندڙ مهيني 6 فيبروري تي ترڪي ۽ شام ۾ ايندڙ خوفناڪ زلزلي هر طرف تباهي مچائي ڇڏي هئي ۽ هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا.ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 50 هزار کان وڌي ويو آهي، جنهن ۾ رڳو ترڪي ۾ 44 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جنهن جي تصديق ترڪي جي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي به ڪئي آهي. ان کان علاوه شام ​​۾ زلزلي سبب مارجي ويلن جو انگ 6 هزار آهي. ميڊيا رپورٽن موجب 6 فيبروري تي آيل تباهي واري زلزلي جي شدت 7.7 هئي، ان کانپوءِ هڪ ٻيو زلزلو 7.6 رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته زلزلي کانپوءِ 9 هزار آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا آهن. ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي کانپوءِ ترڪي جي 11 زلزلي متاثر صوبن ۾ 2 لک 40 هزار کان وڌيڪ امدادي ڪارڪنن، رضاڪارن ۽ عوام امدادي ڪم ڪيو، جڏهن ته ملبي هيٺ دٻجڻ سبب فوتين جو انگ وڌي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ترڪي ۾ زلزلي سبب 173000 عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون ۽ 530000 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر علائقن مان بي گهر ٿي ويا آهن. آفيسرن جو چوڻ آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ ڪل 1.9 ملين ماڻهو عارضي طور تي پناهگيرن جي ڪيمپن ۾ رهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو