ٺٽو(جاويد لطيف ميمڻ)غلام اللہ ٺٽو روڊ تي قائم ترڪش ڪالوني ۾ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي اٽالي سان سرچ آپريشن ڪيو ويو آپريشن دوران ليڊيز پوليس پڻ حصو ورتو آپريشن ۾ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان سان گڏ ڊي ايس پي ھيڊ ڪوارٽر جمع خان پنھور – ڊي ايس پي غلام سرور وسطڙو ٺٽي ضلعي جي سمورن ٿاڻن جي پوليس نفري حصو ورتو سرچ آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن وٽان جديد قسم جا ھٿيار پڻ ھٿ ڪيا ويا آهن آخري اطلاعن تائين پوليس پاران ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ڪيو ويو آهي ھوڏانھن اھو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ته سنگين قسم جي ڏوھن ۾ ملوث ڏوھارين جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس اھڙي ڪارروائي ڪئي آهي پر ميڊيا کي معاملي کان پري رکيو ويو آهي ايس ايس پي ٺٽو اڃا تائين گرفتار ڏوھارين کي ميڊيا سامھون نه آندو آهي ذريعن موجب ايس ايس پي ٺٽو جي اڳواڻي ۾ ترڪش ڪالوني ٺٽو ۾ سندس نگراني ۾ ٿيندڙ سرچن آپريشن کي اڻپورو ڪري اڌ ۾ ڇڏيو ويو جنھن جا ڪارڻ معلوم ناھن ٿي سگھيا ياد رھي تـ سنڌ جي پوڇڙ وارن علائقن ۾ 2010 جي دوران ايندڙ ٻوڏ کانپوء ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جي لکن جي تعداد ۾ رھندڙ آبادي بي گھر ٿيڻ کانپوء ان وقت جي ترڪي جي حڪومت پاران ٺٽو غلام اللھ روڊ تي ٺٽو سيمنٽ فيڪٽري ويجھو سون جي تعداد ۾ ننڍا رھائشي ڪوارٽر ٺاھي ان وقت جي سنڌ حڪومت کي گفٽ ڪيا ويا ھيا تـ جيئن ٻوڏ دوران بي گھر ٿيندڙ خاندانن جي مدد ڪندي کين اھي ڪوارٽر الاٽ ڪيا وڃن پر افسوس اھي ڪوارٽر حقدارن کي ڏيڻ بجاء حڪمران پارٽي جي ڪارندن پاران پنھنجا نوازي تحت انھن ڪوارٽرن چي بندر بانٽ ڪئي وئي ھئي ۽ عوامي اعتراضن کانپوء اھي ڪوارٽر عدالت جي ٿرو ڏنا ويا ھيا پر اڃا تائين اھي ڪوارٽر بنيادي سھولتن ميسر نـ ھجڻ ڪري الاٽيز گھٽ پيسن ۾ اھي ڪواٽر غير قانوني وڪرو ڪري رهيا آهن. ترڪي ڪالوني ھر قسم جي ڏوھارين جو ڳڙهه بڻيل آھي.










