لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڄ اسان پنهنجي آئيني تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺا آهيون.اهڙن خيالن جو اظهار عمران خان اڄ مائيڪروبلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران ڪيو.هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته اسان وٽ ٻه آپشن آهن، هڪ آپشن ترڪي جي نقش قدم تي هلڻ ۽ ٻيو آپشن ميانمار بڻجڻ آهي.هن وڌيڪ لکيو ته آئين، قانون، جمهوريت يا ڪرپٽ مافيا، هر فرد کي انهن مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻو آهي.پنهنجي ٽوئيٽ جي آخر ۾ عمران خان لکيو ته جنگل يا فاشزم جو قانون هر فرد کي چونڊڻو پوندو.
Today we stand at a turning point in our Constitutional history where we can be like Turkiye or become another Myanmar. Everyone must choose whether they stand, as PTI does, with Constitution, Rule of Law & democracy; or with a corrupt mafia, law of the jungle & fascism.
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) April 3, 2023










