لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي پيٽروليم وزير علي پرويز ملڪ اعلان ڪيو آهي ته ترڪش پيٽروليم ڪمپني جلد پاڪستاني سمنڊن ۾ آف شور ڊرلنگ شروع ڪندي، جنهن بعد ملڪ ۾ وڏي پرڏيهي سرمايه ڪاري ايندي. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايران-آمريڪا تڪرار دوران پاڪستان امڪاني امن جو ضامن بڻجي سامهون آيو آهي ۽ مڪه دفاعي معاهدو پوري قوم لاءِ فخر جو باعث آهي. هن وڌيڪ چيو ته تيل جا عالمي بحران ۽ محدود وسيلن باوجود حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ملڪ ۾ پيٽرول جي کوٽ ٿين نه ڏني وئي.










