لنڊن (ويب ڊيسڪ)ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو جهانگير ترين گروپ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ حمزه شهباز جي حمايت ڪندو. ڪالهه جمعي ڏينهن جهانگير ترين ۽ اسحاق ڊار وچ ۾ لنڊن جي هڪ هوٽل ۾ تقريبن 2 ڪلاڪ ملاقات ٿي، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير سميت ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات جي حوالي سان اسحاق ڊار سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته جهانگير ترين سان بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ترين گروپ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ متحده مخالف ڌر جي اميدوار حمزه شهباز جي حمايت ڪندو.










