راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته گروپ بڻجندا رهندا آهن هي ماڻهو عمران خان سان گڏ آهن.جهانگير ترين گروپ بجيٽ ۾ عمران خان کي ووٽ ڏيندو. راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو دورو سعودي عرب جو تاريخي دورو هو جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.هاڻ پاڪستان جا سعودي عرب سان لاڳاپا ايترا مضبوط ٿي ويا آهن جيڪي اڳ به نه هئا. شيخ رشيد چيو ته پارٽين ۾ گروپ بڻجندا رهندا آهن. جهانگير ترين جو مسئلو وڏو نه آهي. جهانگير ترين گروپ بجيٽ ۾ عمران خان کي ووٽ ڏيندو.گهرو وزير چيو ته ڪابينه ڪالهه فلسطين ۾ امداد موڪلي آهي. جمعي تي اڍائي وڳي لال حويلي جي ٻاهران فلسطنين جي حق ۾ جلسو ٿيندو. لال حويلي جي ٻاهران ڪورونا جو خيال رکي جلسو ڪيو وڃي.










