ترقي ۾ رڪاوٽ وجهندڙ چوڻين جو ڇيد

ترقي ۾ رڪاوٽ وجهندڙ چوڻين جو ڇيد

چونڊ ۽ ترتيب اعجاز ممنائي

رشتا آسمان تي ٺهندا آهن

واقعي به رشتا آسمان تي ٺهندا آهن يا جڏهن به ڪا طاقتور ڌر پاڻ کان ڪمزور فرد جو استحصال ڪرڻ چاهيندي آهي ته اهڙا مفروظات گھڙيندي آهي ۽ پوءِ ڏاڍي مؤثر انداز سان ڪمزور ڌر جو استحصال ڪندي آهي. مزي واري ڳالهه اها آهي ته متاثر ٿيندڙ ڌر انهي سڄي وارتا کي قسمت جو ڪرڻو سمجهي چپ رهندي آهي ۽ سندس اها روش انهي شاطرانه حڪمت عملي کي دوام بخشيندي آهي!

جنهن کير وڪيو تنهن پير وڪيو

توهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته هي مفروظو ڇو وجود ۾ آيو؟ جڏهن اسان وٽ اڃان بئراج ڪونه ٺهيا هئا، پاڻي ڇهه ماهو هوندو هو، يا برسات جي پاڻي تي گذر سفر هوندو هو، زراعت اڃان زوز ڪونه ورتو هو، ته انهي وقت ماڻهن جو گھڻو تڻو گذران مال مويشي پالڻ تي هوندو هو ۽ کير انهن وٽ هڪ اهڙو وکر commodity  هو جنهن کي وڪڻي ڪري اهي ڪاروبار جي دائري ۾ شامل ٿي پئي سگهيا، ته انهي وقت جي شاطر تاجر اهو مفروظو گھڙي انهي گگدام ماڻهن کي سرمايي يا اپت جي دائري کان پري ڪري ڇڏيو ته جئين تجارت ۾ سندن اجاراداري قائم رهي. اڄ به Nesttle  ۽ ٻين کوڙ اهڙين ڪمپنين وارا کير يا ڊيري پراڊڪٽس وڪڻي ملين رپيا ڪمائين پيا، پر اسان وٽ کير، پير آهي واري تصور اسان جي معاشري جي سائنسي نقطي نگاهه پٽاندڙ ترقي ۾ رڪاوٽ رهيو. اهڙي حالتن ۾ وڌندڙ سماج سگهارا آدرش ڪونه گھڙي سگھندو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ کير وڪامي ٿو ته انهي ۾ کير گهٽ ۽ پاڻي وڌيڪ آهي.

ڀت کان سواءِ چٽ ڪونه ٿيندا آهن

هن چوڻي ۾ ان ڳالهه جي اپٽار ٿيل آهي ته ڪنهن به وڏي، عظيم ۽ معتبر ڪم ڪرڻ جي لاءِ ماڻهو جو حسب، نسب، شجرو وڏو هجڻ کپي. ڇا واقعي عظيم ڪم ڪرڻ رڳو سُکين، ستابن، امير ماڻهن جو ئي خاصو آهي. اصل ۾ ائين نه آهي، پر هيٺئين طبقي جي غريب ماڻهو کي ترقي ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ هي مفروظو گھڙيو ويو آهي ته جئين غريب ماڻهو جي ذهن کي شروع کان ئي انهي ڳالهه لاءِ تيار ڪري ڇڏجي ته هي وڏا ڪم، ترقيون ۽ ڪاميابيون هنن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. جڏهن به هو اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪندا ته کين اهو چئي demotivate  ڪري ڇڏبو ته ”ابا اها توهانجي وس جي ڳالهه ڪونهي، ڀت کانسواءِ چٽ ڪونه ٿيندا آهن!“ اڄ جڏهن اسان سڌريل دنيا جو مطالعو ڪريون ٿا ته اها ڳالهه ڀلي ڀت ظاهر پئي آهي ته ترقي، ڪاميابي ۽ سڌاري جي سنئون سڌو تعلق همت، حوصلي، محنت، جفاڪشي، دور رس نگاهه، بصيرت ۽ فڪر سان آهي ۽ انهي جو ذات، پات، رنگ، نسل، حسب، نسب ۽ شجري سان ڪوبه تعلق ڪونهي. بس هڪ سوچيل سمجهيل سازش ۽ منصوبي تحت اهڙا مفروظا گھڙي غريب ۽ ساڌي ماڻهن کي ترقي ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته جئين چند شاطر فردن ۽ قبيلن جو تسلط جاري رهي!

جهنگ، ننگ آهي

هو مفروضو ڇڙو ٻهراڙي جي سادي، گگدام ۽ اٻوجهه ماڻهن کي شهرن ڏانهن منتقل ٿي ترقي ڪرڻ کان روڪڻ جي انتهائي ڀيانڪ پر شاطرانه چال آهي. شهرن ۾ رهندڙ سڌريل ڪلاس جي ماڻهن ڏٺو ته جيڪڏهن هي سڀ ڄٽ ڄاموٽ شهرن جو رخ ڪندا، ته اتي تعليم، صحت ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾ موجود سهولتن مان فائدو وٺي، ترقي ڪري نه رڳو اسان گڏ بيهندا پر مستقبل ۾ انهي موجود موقعن ۾ ڀاڱي ڀائيوار پڻ ٿي پوندا. انهي ڪري لازمي آهي ته انهن جي ذهن ۾ هڪ اهڙو مفروظو گھڙي انجيڪٽ ڪري ڇڏجي جو همراهه پاڻ ئي اتان چري نه سگھن. سو واري ڪري همراهن کي سوڙهو ڪيون ته: ”ابا جهنگ، ننگ آهي. متان شهرن ڏانهن وڃجو، ميان اتي رڳو بي حيائي ۽ بڇڙائي آهي.“ اهڙي ريت اهي ماڻهو صدين تائين تعليم، صحت، آمدرفت جي سهولتن کان محروم ٿي ڪري لُنڊيون لتاڙيندا رهيا، پر انهي ڳالهه تي فخر ڪندا مري ويا ته ابا جهنگ ننگ آهي.

سنجهي صلاح ڪونه بيهندي آهي.

هن مفروضي جو مطلب اهو آهي ته سانجهي جي وقت يا رات جو سمهڻ کان پهرين ڪنهن به مسئلي تي ويهي ڪري صلاح مصلحت ڪرڻ موزون ڪونهي ۽ اهڙي قسم جي ڪيل صلاح مصلحت ڪڏهن به ڪارگر ڪونه ٿيندي آهي. انهي ڪري صبح جي ڳالهه صبح سان! جڏهن هن مفروظي جو ڇيد ڪريون ٿا ته اها ڪهڙي ڳالهه هئي جنهن ڪري ماڻهن کي رات جي وقت ويهي منصوبابندي ۽ صلاح مصلحت ڪرڻ کان روڪيو ويو، ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته جڏهن اسان جو معاشرو زرعي هو ته انهي وقت جاگيردار ڏٺو ته جيڪڏهن سندن جاگيرن ۾ ڪم ڪندڙ هي غريب ماڻهو رات جو ويهي ڪري منصوبا بندي، صلاح مصلحت ڪندا ته هو پنهنجي ترقي جي لاءِ ڪو گس يا رستو ڪڍي وجهندا انهي لاءِ لازمي آهي ته هنن کي رات جي انهي فرصت واري وقت ۾ ڪنهن به سنجيدهه مسئلي تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏجي. کين اهو درس ڏجي ته ابا صبح جي ڳالهه صبح سان. ڇو جو هنن ڄاتو پئي ته اهو ممڪن ئي ڪونهي ته گھر جا سڀئي ڀاتي صبح جو سوير ننڊ مان اٿي ڪنهن هڪ جاءِ تي گڏ ٿي ڪري ڪنهن به مسئلي تي سنجيدگي سان غور ويچار ڪري انهي جو ڪو جوڳو حل ڪڍي سگهن. ڇو جو صبح جو ڪو ننڊ مان پهرين جاڳندو ته ڪو وري پوءِ. هر ڪو پنهنجي ۾ لڳو پيو هوندو ۽ جاگيرون سلامت رهنديون. انسان کي ڪهڙي نه منظم طريقي سان ڦاسايو ويو آهي، جڏهن انهي ڳالهه جو ادارڪ ٿئي ٿو ته ماڻهو کي رت جا ڳوڙها ٿا اچن.

ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا

جڏهن هن چوڻي جو ڇيد ڪريون ٿا ته اها ڳالهه واضع طور تي نظر اچي ٿي ته اهڙي ڇسي تصور کي محض انهي لاءِ گھڙيو ويو ته جئين غريب ۽ ڪمزور کي ذهني طور تي ظالم جي جبر کي سهڻ لاءِ آمادهه ڪجي ۽ کيس نفسياتي طور تي انهي زيادتي کي رواجي ڳالهه سمجهي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪجي. حقيقت ۾ جيڪو به ظلم يا زيادتي ڪري ٿو ته انهي جي خلاف قانوني ڪاروائي ٿيڻ کپندي هئي، پر سگهارن ڌرين ڪهڙي نه شاطرانه طريقي سان پنهنجي ظلم، زيادتي ۽ تشدد کي حق به جانب قرار ڏيئي پنهنجي پاڻ کي احتساب کان آجو ڪرائي ڇڏيو!

معاشرتي جدليات جو اهو هڪ سائنسي لقاءُ آهي ته اهو هرگز ممڪن ڪونهي ته ماضي جو ڪو به نظريو، انسان جي مستقبل ۾ من و عن رهنمائي ڪري ۽ هڪ رول ماڊل طور ثابت ٿئي. هر دور جون تقاضائون مختلف هجن ٿيون، انهي ڪري انهي جا حل به مختلف هجن ٿا، انهي ۾ ماضي رهنمائي ته ڪري سگهي ٿو پر رول ماڊل نٿو بنجي سگهي. اها هڪ قابل فهم حقيقت آهي ته طاقتور هميشه پاڻ کان ڪمزور جو استحصال ڪندو آهي. انسان جي ارتقائي سفر ۾ عورت جي بائلاجيڪل ڪردار، جهڙوڪ ٻارن کي جنم ڏيڻ، ٿڃ پيارڻ ۽ انهن جي پرگهور لهڻ، جي ڪري سندس حرڪت جو دائرو محدود ٿي ويو جنهن ڪري سندس جسماني بيهڪ مرد جي مقابلي ۾ ايتري مضبوط نه ٿي سگهي. مرد شڪار جي پويان پري پري تائين پيو ڊوڙندو هو، جنهن انهي جي جسماني مضبوطي کي پروان ڏنو. انهي کان پوءِ زرعي دور يا جنگي دور ۾ به مرد پنهنجي جسماني مضبوطي ۽ بائلاجيڪل رول جي ڪري عورت کان ڪجهه اڳڀرو رهيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته مرد معاشي سگهه، نفسياتي برتري ۽ سماجي قوت حاصل ڪري ورتي، جنهن ڪري مرد ۽ عورت جي وچ ۾ به حاڪم ۽ محڪوم واري تصور جنم ورتو. اهو سماجي سائنس جو هڪ اهم لقاءُ آهي ته هر طاقتور پاڻ کان ڪمزرو کي هيسائي، دٻائي رکندو آهي ته جئين هو هن سان برابري نه ڪري سگهي. ڪمزور کي نه صرف سياسي يا سماجي طاقت، معاشي سگهه، نفسياتي برتري جي ذريعي هيسائي يا دٻائي سگهجي ٿو، پر زبان (language) به انهي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. توهان حيران ٿيندا ته اهي سڀئي لفظ جيڪي فرد کي معاشي سگهه يا معاشرتي مقام ڏين ٿا، جڏهن عورت سان منسوب ڪيا وڃن ٿا ته هڪ گار مثل هوندا آهن. ڪجهه مثال هيٺ ڏنل آهن.

ڌنڌو: ادا اسانجو پٽ مڙس ماڻهو آهي، ڌنڌو ڪري ٿو ۽ پنهنجو گهر هلائي ٿو. (اعزاز)

فلاڻي عورت ڌنڌو ڪري ٿي (گار)، پروفيشنل: ادا، ناصر وڏو پروفيشنل ڊاڪٽر يا سنگر آهي. (اعزاز) فلاڻي عورت پروفيشنل آهي. (گار) جئين ته معاشي سگهه فرد کي خود مختيار بڻائيندي آهي، انهي ڪري جتي به عورت معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي اتي مرد اهڙا ڇسا لفظ گھڙي عورت کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. اها اهم ڳالهه آهي ته تمام ٻولين ۾ جيڪي گاريون ڏنيون وڃن ٿيون اهو سڀ عورت سان منسوب آهن. مثال طور ماءُ، زال يا جوءِ، ڀيڻ، ڌيءَ وغيره. ڪا به گار بابا، ڀاءُ، چاچي، مامي سان منسوب ڪونهي. انهي کان به وڌ اها ڳالهه اهم آهي ته دنيا جي سڀني ٻولين ۾ عورت جي حوالي سان بحيثيت زال، ڀاڄائي، ننهن، سس، نڻان، سالي جيڪي به پهاڪا ٺهيل آهي، اهي سڀ طنزيه آهن. مونکي حيراني ٿئي ٿي ته مرد، بحيثيت طاقتور هجڻ جي، ماءُ کي ايترو اعزاز ڪئين بخشيو، پر انهي جو هڪ سبب اهو نظر اچي ٿو ته جئين هڪ ٻار کي پالڻ، سنڀالڻ، تاتڻ، کارائڻ، اوجاڳا ڪرڻ ڏکيو عمل هو، مرد ڏٺو ته انهي ڪم کان ڪهڙي ريت پانڌ آجو ڪرائجي، سو عورت کي بحيثيت ماءُ عظمت بخشي، پاڻ انهي ٻارن جي پرگهور لهڻ واري جنجهنٽ کان جان ڇڏائي ويو.توهان جڏهن فطرت اندر موجود سڀني جاندار جوڙن جو اڀياس ڪندا ته اها ڳالهه واضع آهي ته هر جوڙي ۾ مادي جي نسبت نر وڌيڪ خوبصورت آهي. مثال طور، مور ۽ ڊيل، ڍڳو ۽ ڍڳي، ٻڪر ۽ ٻڪري، شينهن ۽ شينهڻ، ڪُڪڙ ۽ ڪِڪِڙ وغيره ۾ نر وڌيڪ جاذب نطر ۽ ملوڪ آهي. پوءِ جڏهن هر جوڙي ۾ نر وڌيڪ خوبصورت آهي ته پوءِ انسان ۾ مرد جي مقابلي ۾ عورت وڌيڪ خوبصورت ڪئين ٿي پئي. اچو ته انهي ڳالهه جو ڇيد ڪريون.

انسان جي ارتقائي سفر ۾ عورت جي بائلاجيڪل ڪردار، جهڙوڪ ٻارن کي جنم ڏيڻ، ٿڃ پيارڻ ۽ انهن جي پرگهور لهڻ، جي ڪري سندس حرڪت جو دائرو محدود ٿي ويو جنهن ڪري سندس جسماني بيهڪ مرد جي مقابلي ۾ ايتري مضبوط نه ٿي سگهي. مرد شڪار جي پويان پري پري تائين پيو ڊوڙندو هو، جنهن انهي جي جسماني مضبوطي کي پروان ڏنو. انهي کان پوءِ زرعي دور يا جنگي دور ۾ به مرد پنهنجي جسماني مضبوطي ۽ بائلاجيڪل رول جي ڪري عورت کان ڪجهه اڳڀرو رهيو. مرد جي طاقت جي ٽوڙ کي ڳولڻ جي لاءِ عورت پنهنجي پاڻ کي سنواريو. سڀ کان اول هن پنهنجي چهري جا وار نوچي انهي کي اجرو ڪيو. (جيتوڻيڪ اڄ تائين هو فيشل ۽ ٿريڊنگ جي مرحلي مان گذري پئي ۽ پنهنجي جينز کي اهو ٻڌائي پئي ته اهي غير ضروري وار اڀاڙڻ بند ڪري). اهڙي ريت مرد جي جسماني مضبوطي جو توڙ هن پنهنجي جسماني خوبصورتي سان ڪيو. مرد وٽ طاقت آهي ته عورت انهي جو ٽوڙ روئڻ يا لڙڪن سان ڪڍيو. مرد جڏهن به جسماني طاقت جو استعمال ڪندو آهي ته عورت لڙڪن جو سهارو وٺندي آهي. انهي ڪري چوندا آهن ته اگر عورت وڏا لڙڪ هاري ڪا ڳالهه ڪري ته انهي جو اعتبار نه ڪجو ۽ ساڳي ريت مرد مسڪرائي ڪري ڪا ڳالهه ڪري ته انهي جو به اعتبار نه ڪجو! عورت وٽ اختيار ڪونه رهيو آهي انهي ڪري هو حقيقت پسند کان وڌيڪ خيالي يا تصوارتي دنيا ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندي آهي ۽ مرد جڏهن به عورت جو استحصال ڪرڻ چاهيندو آهي ته کيس ڪوڙا خواب ۽ سبز باغ ڏيکاريندو آهي. معاف ڪرڻ ته ڪو عورت کان سکي، ڇو ته عورت ڪڏهن به وساري ڪونه سگهندي آهي انهي ڪري هوءَ معاف ڪري ڇڏيندي آهي، مرد ڪڏهن به معاف ڪونه ٿو ڪري سگهي، شڪر آهي ته کيس ڳالهه وسري ويندي اٿس، پر جڏهن به ياد ايندي اٿس، ته وري چڪ چڪ شروع ڪري ڏيندو آهي. عورت بحث ڪونه ڪندي آهي پر جيڪو به ڪرڻ هوندو اٿس اهو ڪري گذرندي آهي. عورت جڏهن به محبت ڪندي ڪو فيصلو ڪندي آهي ته هرگز موٽ ڪونه کائيندي آهي، جڏهن ته مرد انهي وقت ڀاڙيو ٿي پوندو آهي ۽ کيس معاشي مجبوريون، تعليم جو اڻپورو هجڻ، نوڪري يا گهر جو نه هجڻ جهڙا بهانا تراشڻا پوندا آهن. جڏهن ته مرد ڪافي عرصي کان فيصلا ڪندا آيو آهي، انهي تجربي جي ڪري هن جي فيصلي ۾ فهم ۽ فراست وڌيڪ موجود هجي ٿي، پر جئين ته عورت کي فيصلي ڪرڻ جو اختيار (جهڙو تهڙو ئي صحيح) ماضي قريب ۾مليو آهي، انهي ڪري عورت جي فيصلي ۾ ڪچايون ڦڪايون وڌيڪ هجن ٿيون. انهي لاءِ عورت کي کپي ته هوءَ پنهنجي فيصلن تي وڌيڪ نظرثاني ڪري ۽ مسلسل فيصلا ڪندي رهي ته جئين هو به بهتر فيصلا ڪرڻ سکي وٺي. جن معاشرن ۾ عورت کي فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڪجهه آڳاٽو مليو آهي، اهي عورتون اڄ بهتر فيصلا ڪن پيون. عورت ۽ مرد جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي لاءِ هلندڙ انهي سرد جنگ ٻنهي جي نفسيات تي گھرا ۽ ڳوڙها اثر وڌا آهن، جيڪي آهستي آهستي مٽجي رهيا آهن، پر جڏهن ته جنگ طويل رهي آهي انهي ڪري اڃان به وقت لڳندو هڪ متوازي معاشري قائم ٿيڻ ۾. توهان حيران ٿيندو ته نه فقط سڌرندڙ پر سڌريل دنيا ۾ پڻ عورت کي انهي نفسياتي جنگ جو مقابلو موجود آهي. پوئين واري آمريڪي قوم ڪارو اوباما (مرد) قبوليو پر گوري هيلري (عورت) کي رد ڪيو ۽ هن واري وري هڪ انتها پسند ٽرمپ کي قبوليو پر وري گوري هيلري (عورت) کي صدر ٿيڻ ڪونه ڏنو. انهي جنگ جا اڃان کوڙ مظهر آهن جيڪي اچڻ واري وقت ۾ ظاهر ٿيندا، پر انساني تاريخ جو اهو دؤر انتهائي خوبصورت هوندو جنهن ۾ مرد پنهنجي جسماني طاقت ۽ عورت جسماني خوبصورتي واري ڪامپليڪس مان نڪري هڪ متوازي معاشرو قائم ڪندا.

بدتر جمهوريت بهترين ڊڪٽيٽرشپ کان بهتر آهي

اها ڳالهه سڌي، سمجهه ۾ اچڻ جھڙي ۽ واضع آهي ته جيڪو به فرد يا ادارو يا قوم جنهن به شي مان فائدو حاصل ڪندي آهي، انهي جي بقا جي لاءِ مفروضا گھڙي، پنهنجي مفاد جي اپٽار ڪندي آهي. اهڙن هٿ ٺوڪيل، من گھڙت، مفادپرستانه مفروظن ۾ مٿيون ڄاڻايل مفروظو اهم آهي. پهرين دنيا ۾ جهمورِيت ماڻهو جي مفاد، ٻي دنيا ۾ ادارن جي توسيع ۽ ٽئين دنيا ۾ ماڻهو جي استحصال جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، جتي اشرافيه جا ڪجهه خاندان جهموريت جا وارث سڏرائي، ماڻهن جو استحصال ڪندا آهن، ۽ پوءِ جڏهن سندن مفاد جي هن ذريعي جي هٿ مان نڪرڻ جو خطرو محسوس ڪندا آهن ته اهڙا مفروظا گھڙي پنهنجي مفاد کي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هڪ ڳالهه هميشه ذهن ۾ رکجو، ته جيڪا به شيءِ، وکر، سڪو، نظريو، انداز يا رويو معاشري يا مارڪيٽ ۾ وڪاميو، اگھاميو يا قبول پيو، ته شاطر ۽ مفادپرست لڏو انهي جي نقل ضرور مارڪيٽ ۾ آڻيندو. سچ پڇو ته اڄڪلهه جيتري محنت نقل تي ٿيڻ لڳي آهي، ايتري ته اصل تي به ڪونه ٿي ٿئي. وري ساڳي ريت ڪنهن به شي جو ڪو سٺو ٽوڙ يا نعم البدل آيو ته انهي کي اهڙن گھڙيل مفروظن سان مشڪوڪ ڪري نقل جو ڪاروبار گرم رکيو ويندو آهي. جئين ميڊيا جي هڪ هٺي کي جڏهن سوشل ميڊيا ڌڪ هنيو ته اهو مفروظو سامهون اچي ويو ته سوشل ميڊيا فارمل ميڊيا کان سٺي ناهي ڇو جو اها مستند ناهي. جئين ويچاري غالب لاءِ چوندا هئا ته شاعر ته سٺو آهي پر آهي بدنام!

نيچ نوڪري ۽ اتم کيتي

هن مفروضي جو ڇيد ڪجي ته اها ڳالهه واضع نظر ايندي ته نوڪري جي لاءِ تعليم جڏهن ته کيتي جي لاءِ ڇڙي ڏانءُ (skill) جي ضرورت هوندي آهي. هاڻي هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو جو هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو سان موازنو ڪرڻ ئي غير منطقي ڳالهه آهي، پر ڏک جي ڳالهه اها آهي ته انهي اڻ پڙهيل ماڻهو کي الٽو ڪنڌ ۾ اها ڪلي هڻي ڇڏجي ته ابا تون هنن نوڪري ڪرڻ وارن کان معتبر آهين ته پوءِ هو همراهه ڪٿي ٿو جهل ڏي. ابا چري جي ڏي خبر؟ چئي، چري ويرا وير وڌ!  اهو اٿان اسان جو معاشرتي الميو، هاڻي ترقي جي راهه ڪٿان نڪرندي؟ سنڌ ۾ بئراج ۽ نهري نظام ماضي قريب جي ڳالهه آهي، انهي کان پهرين سنڌ ۾ زراعت رڳو بارش تي ٿيندي هئي، انهي دور ۾ هتان جي گگدام ماڻهن کي اها پٽي پڙهائي ويئي ته ابا توهان نوڪري ڪرڻ وارن کان معتبر آهيو. انهي ڪري کيتي کي لڳا پيا رهو، ڇو ته انهن سمجهيو پئي ته جيڪڏهن هنن نوڪري طرف لاڙوڪيو ته يقيننا تعليم ڏانهن راغب ٿيندا ۽ سڌري ويندا. جڏهن ته پورو پهاڪو هي آهي تي اتم کيتي، وڌندڙ واپار ۽ نيچ نوڪري. واپار واري ڳالهه درست آهي، انهي ڪري انهي جو هتي گھڻو ڇيد نه ڪيو ويو آهي پر منهنجو ذاتي راءِ هي آهي ته واپار سان سلاڙهيل طبقو پڻ شاطرانه انداز ۾ پنهنجي مفاد کي بچائي ورتو پر ٻهراڙي سان وابسته ساڌن ماڻهن کي کيتي واري معتبرائيت وارو انجيڪشن هڻي کين صدين تائين ترقي واري سفر کان پري ڪري ڇڏيو.

ٻڏي جا ٻيڻا

دريائن جي پوڇڙ يا آخر ۾ رهڻ واريون قومون اڪثر توڪل پسند هونديون آهن: جي پاڻي آيو، زراعت ٿي ته واهه! نه ته مولا تي ننگ! ساڳي ريت اهي معاشري جتي کيتي جي ڪرت برسات تي ٿيندي آهي، اتي به سڄو انحصار برسات جي آمد تي هوندو آهي، جي برسات ٿي ته اناج ٿيندو، نه ته ماڻهو ۽ مال مهي ويچارا سڀ ڏڪار جي حوالي. ماڻهو مسئلن جا حل سائنسي نقطي نگاهه کان به ڪڍندو آهي ته وري نفيسياتي پهلو کان به. انهي زماني ۾ جڏهن ماڻهو وٽ منصوباسازي ڪري سيلاب کي روڪڻ جو ڪو حل ڪونه هو ته پوءِ دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ هي مفروظو گھڙيو ته ابا ٻڏي جي ٻيڻا. اها ڳالهه درست آهي ته سيلاب سان زمينن ۾ وڏي اٿل پٿل ٿيندي آهي، جنهن سان زمين جي اندر زرخيزي وڌي ويندي آهي، پر اها سيلاب سان ٿيندڙ نقصان جو ازالو هرگز نٿو ڪري سگهجي. تازو ڪجهه سيلاب پاڻ به ڏٺا آهن، جنهن سان اسان جو تمام وڏو نقصان ٿيو آهي پر ڪا به شي ٻيڻي ڪونه ٿئي آهي سواءِ وياج جي جيڪو آبادگار کڻي پنهنجا فصل پوکيا هئا، جيڪي انهي سيلابن ۾ تباهه ٿي ويا. جئين ته پنهنجو موضوع ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪري واري روش (approach) آهي جيڪو گهڻي حد تائين نفسياتي لڳي رهي آهي. اها ڳالهه واضع آهي ته سيلاب هڪ آفت آهي، انهي جي روڪٿام لاءَ بهتر منصوبا بندي جي ضرورت هوندي آهي، نه ڪي ڪنهن نفسياتي ڍارس ڏيندڙ مفروظي جي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ تائين اسان جي معاشري ۾ ڪافي مسئلن کي نفسياتي يا جذباتي طور حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي جڏهن ته انهن مسئلن جا سائنسي نقطي نگاهه کان بهتر حل موجود هوندا آهن. اها ڳالهه عورت کي ڪير سمجهائي ته هڪ کڏ مان نڪري ڪري ٻي کاهي ۾ اچي ويهي رهي آهي. تعليم جي حاصلات کان پوءِ انهي جو مسڪن ڊريسنگ ٽيبل، سيڪريٽري يا ريسيپشن جي ڪرسي ڪونهي. کيس سمجهايوس ته هاڻ اتان اٿي اندر واري آفيس واري ڪرسي جي باري ۾ به ڪجهه سوچ. اهو لقاءُ عام آهي ته ڪوبه طاقتور پاڻ کان ڪمزور کي پاور ڪونه ڏيندو آهي، پر جي ڏيڻ لازم ٿي پوي ته پوءِ اهڙي حڪمت عملي يا هٿڪنڊا ٺاهيندو آهي ته جئين اصل پاور منتقل نه ٿئي، باقي نالي ماتر شيون منتقل ڪري، اقتدار جي اصلي سرچشمي کي پنهنجي قبضي ۾رکي. خليل جبران لکيو هو ته ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن ڪو غلام سمهي رهيو هجي ته کيس نه اٿاريو، ٿي سگهي ٿو ته هوءَ ننڊ ۾ آزادي جو خواب ڏسندو هجي، پر خليل جبران چيو ته کيس ننڊ مان ٿڏو هڻي اٿاري چئوس ته آزادي ستي ڪونه نصيب ٿيندي آهي. ساڳي ڳالهه آئون هن ريت چوندس ته هاڻي مشرقي عورت کي ڊريسنگ، ريسيپشن ۽ سيڪريٽري جي سيٽ تان اٿڻ کپي. پاڻ کي گڏجي وڏو پنڌ ڪرڻو آهي!

پهنجو تبصرو موڪليو